| ملير ۾ هڪ وڌيڪ مقابلو: ڦورو مارڻ جي دعويٰ |
ملير (رپورٽر) ملير ۾ هڪ وڌيڪ مقابلو، ڦورو مارڻ جي دعويٰ، ان ڏس ۾ شاهه لطيف پوليس شيدي ڳوٺ پل ويجهو هٿياربند ڦورن سان مقابلو رچائي هڪ ڦورو کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، مارجي ويل ڦورو جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي هئي، پوليس موجب مارجي ويل ڦورو وٽان پسٽل، موبائل فون ۽ روڪ رقم هٿ آئي، پوليس موجب ڦورن پوليس مٿان فائرنگ ڪئي، هڪ پوليس اهلڪار کي سيني وٽ گولي لڳي، جيڪو بليٽ پروف جيڪٽ هجڻ سبب محفوظ رهيو،