ملير ۾ وين وڻ سان ٽڪرائجي وئي، عورت سميت 2 ڄڻا فوت

مَي 21, 2023

ملير( رپورٽر) ملير ۾ وين وڻ سان ٽڪرائڻ جي نتيجي ۾ عورت سميت 2 ڄڻا اجل جو شڪار بڻجي ويا، 6 ماڻهو زخمي ٿي پيا

گلشن حديد ويجهو نيشنل هاء وي تي تيز رفتار وين جو ٽائر برسٽ ٿيڻ جي نتيجي ۾ وڻ سان ٽڪرائجي وئي

حادثي جي نتيجي ۾ 30 ورهن جي فرح زال عارف ۽ 28 ورهن جو ڪريمٿڏي تي فوت ٿي ويا، ٻارڙن سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا

حادثي واري هنڌ پوليس پهچي فوتين جا مڙهه ۽ زخمين کي اسپتال پهچايو

Leave A Comment