ملير( رپورٽر) ملير جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي روئي خلاف هڙتال ڪئي وئي وڪيلن مک دروازا بند ڪري ڇڏيا جنهن سبب ٻڌڻيون نه ٿيون
سنڌ بار ڪائونسل جي سڏ تي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج رويي خلاف ملير ڪورٽ ۾ وڪيلن طرفان هڙتال ڪئي وئي
وڪيلن عدالتن جا مک دروازا بند ڪري ايندڙ سائلين کي روڪي ڇڏيو، هڙتال سبب ڪيسن جون ٻڌڻيون به نه ٿي سگهيون
ان موقعي تي ملير بار ايسوسيئيشن جي صدر رائو زاهد ۽ حفيظ بلوچ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ملير جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي روين خلاف اسين مسلسل احتجاج ڪري رھيا آھيون پر دانهن نه پئي ورنائي وڃي
وڪيل اڳواڻن چيو ته جيسيتائين ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج کي نه هٽايو ويندو تيسيتائين احتجاج جو سلسلو جاري رهندو
وڪيلن جي هڙتال سبب عدالتي عمارت جي ڀرپاسي سڪيورٽي لاءِ پوليس جا وڏا اٽالا مقرر ڪيا ويا هئا