ملير( رپورٽر) ملير ۾ پوليس جي روايتي سستي سبب ڏوهاري نجي ڪمپني مان لکين رپين جو سامان کڻي ويا
ڪمپني جي مالڪ انجنيئر غلام حيدر ٻڌايو ته بن قاسم ٿاڻي جي حد ۾ ” ان سائٽ انجنيئرنگ رينٽل پاور ” ڪمپني جي سڪيورٽي گارڊن کي هٿياربندن مارڪٽ ڪرڻ کانپوءِ رسن سان ٻڌي اطمينان سان سامان کڻي ويا
هن ٻڌايو ته هٿياربند ڪروڙن جي مشينري, بيٽريون ,سولر سسٽم ۽ ٻيو سامان گاڏين ۾ وجهي کڻي ويا، پوليس کي اطلاع ڏنو پر ڪنهن به قسم جو سهڪار نه ڪيو ويو
فيڪٽري مالڪ غلام حيد چيو ته بن قاسم پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو آهي، آءِ جي نوٽيس وٺي پوليس کي جوابدارن خلاف ڪارروائي جون هدايتون جاري ڪري