ملير ( رپورٽر) ملير ۾ زال مڙس جي جهيڙي نوجوان جي والد کان حياتي کسي ورتي، لآش رکي ڌرڻو هنيو ويو
ابراهيم حديري ۾ زال کي دڙڪو ڏيڻ تان ناري جي ڀائرن ڀيڻيوي جي گهر تي حملو ڪيو جن جي تشدد ۾ براهيم ڪڇي فوت ٿي ويو جنهن جو لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو
احتجاج ڪندڙن چيو ته عرفان عمر،عمران، عدنان ۽ ڪامران گهر تي حملو ڪري اسان جي والد کي قتل ڪيو آهي
پ پ اڳواڻ جان عالم ڄاموٽ احتجاج ڪندڙن وٽ پهچي ڳالهيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرايو
پوليس جو چوڻ آهي ته مڙس، سهري ۽ ڏير پاران ناري کي ڌڪ هنيا جنهن تان واقعو پيش آيو، جهيڙي دوران ڌرين ۾ فائرنگ ٿي آهي، ٻي ڌر جا ماڻهو به زخمي آهن، وڌيڪ جاچ ڪريون پيا