مليڪا بخاري تحريڪ انصاف ڇڏي ڏني، ڪو دٻاءُ ڪونهي: مليڪا
مَي 25, 2023
تحريڪ انصاف جي اڳواڻ مليڪا بخاري پڻ پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو اعلان ڪيو آهي. کيس اڊيالا جيل مان آزاد ڪيو ويو هو. آزاد ٿيندي ئي هن پريس ڪانفرنس ذريعي تحريڪ انصاف کان رستا ڌار ڪرڻ جو اعلان ڪيو.
هن چيو ته 9 مئي واقعن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريان ٿي. پي ٽي آءِ جي سمورن عهدن تان استعيفا ڏيان ٿي. هن چيو ته آئون تحريڪ انصاف تان استعيفا ڏيان ٿي ۽ هن پارٽي سان لاتعلقي جو اظهار ڪيان ٿي.
هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مون کي خبر ناهي ته 9 مئي جي واقعن ۾ ڪير ڪير ملوث هو، جاچ ٿيندي ته خبرپئجي ويندي. ملوث ماڻهن کي انجام تي پهچائڻ گھرجي. پر ان ۾ قانوني گھرجون پوريون ڪيون وڃن ته جيئن ڪنهن سان نا انصافي نه ٿئي.