ملٽري آپريشن مسئلي جو حل ناهي، جهيڙو ان تي آهي ته فوجي ڪارروائي لاءِ ڪو اجازت ئي نٿو وٺي: سهيل آفريدي  

ملٽري آپريشن مسئلي جو حل ناهي، جهيڙو ان تي آهي ته فوجي ڪارروائي لاءِ ڪو اجازت ئي نٿو وٺي: سهيل آفريدي  

ڪراچي(رپورٽ: الطاف چنا) پي ٽي آءِ سان تعلق رکندڙ ڪي پي جي وڏو وزير سهيل آفريدي ملٽري آپريشن مسئلي جو حل ناهي، اسان جو جهڳڙو انهي ڳالهه  تي آهي ته اسان کان ڪير آپريشن جي اجازت گھري ئي ڪونه پيو: ڪالهه پريس ڪلب ۾ ميٽ دي پريس  کي خطاب ڪندي هن چيو ته  پنجاب حڪومت جو رويو سٺو نه لڳو، اسان ماني کائڻ ويندا هئاسين ،اتي بازارون  بند ڪرايون وينديون هيون. سنڌ حڪومت اسان کي عزت ڏني آهي، هن چيو ته اسان جي قائد عمران خان آئين ۽ قانون جي بحالي، طاقتور ۽ ڪمزور لاءِ الڳ الڳ قانون ختم ڪرڻ  ۽ حقيقي جمهوريت بحال ڪرڻ لاءِ جدوجهد شروع ڪئي هئي، هو اڄ جيل ۾ آهي، سندس زال ۽ ڀينرون به جيل ۾ آهن. منهنجو ليڊر هڪ سال کان پنهنجن دوستن سان نه مليو آهي، کيس قيد تنهائي ۾ رکيو ويو آهي.  هن چيو ته پاڪستان ۾ طاقتور ۽ امير لاءِ الڳ الڳ قانون آهن. شهيد ارشد شريف ۽ ٻين سان جيڪو ٿيو، اهو سڀني سامهون آهي. هن چيو ته قيدي  جا به انساني حق هوندا آهن، باني سان سندس ڀينرن جي به ملاقات بند آهي. هن چيو ته عمران خان پاڪستان جو مقبول ليڊر آهي، غير آئيني طريقي سان سندس حڪومت ختم ڪئي وئي. هن چيو ته پاڪستان م واحد ڪي پي حڪومت آهي، جيڪا عوامي ميڊيٽ ذريعي آئي آهي، ٻين حصن ۾ جعلي طريقي سان حڪومت آئي. هن چيو ته ڪهڙي آئين ۾ لکيل آهي ته هڪ صوبي جو چيف ايگزيڪيوٽو (وزيراعليٰ) ٻئي صوبي م سياست نٿو ڪري سگهي. مون اهڙي قانوني شق ٻڌايو ته آئون هتان هليو ويندس. هن چيو ته اسان ڪي پي اسيمبلي ۾ امن جرڳو ڪيو، جنھن ۾ مختلف مڪتب فڪر جي ماڻهن شرڪت ڪئي، فيصلي تي سڀني جون صحيحون پڻ ٿيل آهن، فيصلي ۾ لکيل هو ته ملٽري آپريشن مسئلي جو حل ناهي، ڪي پي جي 80 هزار ماڻهن پنهنجون جانيون قربان ڪيون آهن، جن ۾ پوليس ايف سي ۽ عام ماڻهو شامل آهن. هن چيو ته عمران خان اقتدار نه پر عدليه ۽ ميڊيا جي آزادي لاءِ تحريڪ هلائي هئي جنهن کي حقيقي تحريڪ هلائڻ جي سزا ڏني وئي آهي. منهنجي قائد کي اتي رکيو ويو آهي جتي دهشتگردن کي رکيو ويندو آهي. نَوَ اپريل 2022 کان هن وقت تائين ملڪ م جمهوري حڪومت ناهي آئي، هن چيو ته هي جنگ پنهنجي ذات لاءِ ناهي. اسان جو جهڳڙو انهي ڳالهه  تي آهي ته اسان کان ڪير آپريشن جي اجازت گھري ئي ڪونه پيو،هن چيو ته ڪي پي حڪومت پاڻي جي معاملي تي سنڌ جو ساٿ ڏنو هو. غربت جي تناسب سان اين ايف سي ۾ اسانجو وڏو حصو ٺهي ٿو، جيڪو وفاق پاران نٿو ڏنو وڃي، سنڌ حڪومت يقين ڏياريو آهي ته انهي معاملي تي ساٿ ڏيندا. هن چيو ته ڪراچي پريس ڪلب  اسانجو ساٿ ڏئي اسانجي آواز سان آواز ملائي ته جيئن وفاق کان حق وٺون،هن چيو ته جيڪڏهن ڪي پي کي سندس حق موجب پئسا ملن ها ته ڪي پي ٻين صوبن کان وڌيڪ ترقي ڪري ها. هن چيو ته هو پنجاب به ويو پر اتي اسان سان سٺو سلوڪ نه ڪيو ويو، لاهور ۾ جتي اسان ماني کائڻ لاءِ ويندا هئاسين اها بازار بند هوندي هئي، آئين ۾ ڪٿي لکيل آهي ته هڪ وڏو وزير ٻئي صوبي ۾ سياست نٿو ڪري سگهي؟ هن چيو ته هاڻي تائين سنڌ ۾ بينظير ۽ ذوالفقار ڀٽو جي حڪومت نظر اچي رهي آهي، اسان کي وفاق کان اسان جي حصي جو پئسو نه ٿو ڏنو وڃي، جيڪڏهن اسان کي اسان جي حق موجب پئسا ملن ها ته خيبرپختونخواهه ٻين صوبن کان وڌيڪ ترقي ڪري ها، صرف اهي ماڻهو مرڪزي حڪومت ۾ ويٺل آهن، جن 17 سيٽون ورتيون آهن. هن وڌيڪ چيو ته خيبرپختونخواهه سڀ کان سستي بجلي پيدا ڪري رهيو آهي ، سڄو پاڪستان سستي بجلي مان فائدو حاصل ڪري رهيو آهي. انهي کان اڳ سهيل آفريدي جي ڪراچي  ايئر پورٽ پهچڻ تي صوبائي وزير سعيد غني کيس اجرڪ ۽ ٽوپي پارائي آجيان ڪئي. تحريڪ انصاف جا ڪارڪن به وڏي انگ ۾ ايئرپورٽ تي پهتا، سهيل آفريدي تحريڪ انصاف جي اڳواڻن حليم عادل شيخ، گوهر خٽڪ ۽ ٻين سان گڏ جناح گرائونڊ پهتو،  جتي جائزو وٺڻ کانپوءِ ڪراچي پريس ڪلب پهتو.