ملڪاڻي شريف (ن پ ا)آبپاشي سب ڊويزن خيرپورگنبوه جي عملدارن آئلپور شاخ جي ٽن آبادگارن تي پاڻي چوريءَ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو
پنگريو ٿاڻي تي آئلپور شاخ جي داروغي نيڪ محمد خاصخيلي جي فرياد تي آبادگارن شيرمحمد چانڊيو، شفيع پنهور ۽ امتياز پنهور تي پاڻي چوري جو ڪيس داخل ڪيو ويو
ان سلسلي ۾آبادگارن احتجاج ڪندي ٻڌايو ته شاخ جي منڍ جا بااثر زميندار آبپاشي عملي جي ملي ڀڳت سان پاڻي چوري ڪري رهيا آهن، انهن تي ڪيس داخل نٿا ڪيا وڃن
پوڇڙ ۾ پاڻي کوٽ باوجود آبادگارن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا ويا آهن. هنن جو چوڻ هو ته پاڻي کوٽ ۽ پاڻي چوري خلاف آواز اٿارڻ تي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي. هنن واضح ڪيو ته پنهنجي حصي جو پاڻي حاصل ڪرڻ لاءِ احتجاج جاري رهندو