ملڪاڻي شريف ( ن پ ا) ملڪاڻي شريف ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن طرفان احتجاج جو سلسلو جاري آهي، پنگريو روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو.
آبپاشي سب ڊويزن خيرپورگنبوهه جي جرڪس، کوسڪي، ٻنگار، آئلپور ۽ ٻين شاخن جي پوڇڙين تي زرعي ۽ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگار سراپا احتجاج بڻيل آهن.
پڇڙي جي آبادگارن پنگريو – جهڏو روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي.
آبادگار اڳواڻن منظور چانڊيو، بچايو لغاري، ممتاز لغاري، ناٿو ڳاهو ۽ ٻين چيو ته اسان جي شاخن جي پوڇڙين ۾ مسلسل ٽن مهينن کان پيئڻ جي پاڻي جو ڏڪار آهي، فصل ته سڪي سڙي ويا پر اختياريون خاموش تماشائي بڻيل آهن.
آبادگارن مطالبو ڪيو ته شاخن ۾ پاڻي ڇڏيو وڃي ته جيئن فصل پوکي سگهون، جيڪڏهن مسئلو حل نه ڪيو ويو ته احتجاج جاري رکنداسين.