ملڪاڻي شريف(رپورٽر) ملڪاڻي ۾ بدامني خلاف هڙتال، شهرين ڌرڻو هڻي پنگريو جهڏو روڊ بند ڪري ڇڏيو جنهن سبب ٻنهي پاسن کان گاڏين جون قطارون لڳي ويون
رات دير سان ملڪاڻي شريف جي واپاري گل حسن لغاري کان دڪان تان 20 لک ڦر ڪندڙ جوابدار پنگريو پوليس پاران گرفتار نه ڪرڻ ۽ شهر ۾ وڌندڙ بدامني خلاف شهرين اڄ صبح هڙتال ڪري ڪاروبار بند ڪري ڇڏيو
شهرين پنگريو پوليس خلاف نعريبازي ڪندي ايس ايچ او کي هٽائڻ جو مطالبو ڪيو، ان موقعي تي امتياز ملڪاڻي، غلام نبي ملڪاڻي، مير حسن ملڪاڻي، منظور پتافي ۽ نياز لغاري چيو ته اسان جي پرامن شهر ملڪاڻي ۾ اهڙا واقعا پوليس جي نااهلي جا ثبوت آهن
سندن چوڻ هو ته پوليس کي اطلاع ڪرڻ باوجود ڦر دوران نه پهتي هئي جنهن ڪري ڦورو آساني سان فرار ٿي ويا پوليس هٿ سان شهر جو امن تباهه ڪري رهي آهي
هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته اسان جو احتجاج واپاري کان ٿيل ڦر جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ ۽ ايس ايچ او پنگريو کي هٽائڻ تائين جاري رهندو