ملڪاڻي ۾ ڪي پي ايل سيمي فائنل ۾ فرينڊس اليون ڪامياب

ملڪاڻي ۾ ڪي پي ايل سيمي فائنل ۾ فرينڊس اليون ڪامياب

ملڪاڻي شريف (ن پ ا) ملڪاڻي شريف ۾ هلندڙ خيرپورگنبوه پريمئير ليگ فائنل مرحلي ۾ پهچي وئي. ٻيو سيمي فائنل فرينڊس اليون ۽ لڪي اسٽار اليون ۾ کيڏيو ويو. فرينڊس اليون پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر ڏهن اورن ۾ 155 رنسون ٺاهيون. ٽارگيٽ جو پيڇو ڪندي لڪي اسٽار اليون 126 رنسون ٺاهي سگهي. فرينڊس اليون جي فاسٽ بالر فرحان پتافي شاندار بالنگ ڪندي 5 وڪيٽون ورتيون جنهن تي کيس مين آف دي مئچ قرار ڏنو ويو فائنل مئچ ۾ مهراڻ اليون ۽ فرينڊس اليون ۾ مقابلو ٿيندو.