ملڪيتن جي فائلن جي خريداري ۽ وڪري جي جائزي لاءِ ڪاميٽي قائم

ملڪيتن جي فائلن جي خريداري ۽ وڪري جي جائزي لاءِ ڪاميٽي قائم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم پراپرٽي فائلن جي خريد و فروخت جي جائزي لاءِ اعلي سطحي ڪاميٽي قائم ڪري ڇڏي. ذريعن مطابق پلاٽن، ولاز ۽ اپارٽمينٽن جي فائلن جي قانوني حيثيت جو جامع جائزو ورتو ويندو. فراڊ، ٽيڪس چوري ۽ سيڙپڪارن جي تحفظ بابت خدشن سبب ڪاميٽي قائم ڪئي وئي آهي. قانون ۽ انصاف وارو وزير ڪاميٽي جو سربراهه هوندو، چيئرمين ايف بي آر ۽ نيب جو نمائندو به ڪميٽيءَ ۾ ميمبر طور شامل هوندو. سڀني صوبن جي سينيئر ميمبرز بورڊ آف روينيو کي به ڪاميٽي جو حصو هوندا. ڪاميٽي ريئل اسٽيٽ فائلن جي موجوده عملي طريقيڪار جو جائزو وٺندي. پراپرٽي فائلن جي ڪاروبار جي روينيو اثرن به جائزو ورتو ويندو. جعلي ۽ ڊٻل فائلن، ۽ هڪ ئي ملڪيت جي ڪيترائي ڀيرا وڪرو ٿيڻ تي به غور ويچار ڪيو ويندو.