ملڪيت ڦٻائڻ لاءِ ڀاءُ جيئري ڀيڻ ماري ڇڏي!

آگسٽ 13, 2023

ڀان سيدآباد ( ن پ ا ) لاڙڪاڻي جي وليد ڳوٺ جي رهواسي پيرسن ديدار ڪلهوڙو جي سيوهڻ ۾ واقع 26 هزار فوٽ زمين تي مبينا طور قبضو ڪري هٿياربند ويهاريا ويا آهن

پيرسن ديدار ڪلهوڙو ڀان سيدآباد پريس ڪلب پهچي صحافين اڳيان روئيندي ٻڌايو ته سيوهڻ ۾ در محمد رند کان لال باغ وٽ اٽڪ پمپ ۽ ريلوي لائين ڀرسان سروي نمبر 65 مان ڏيڍ جريب يعني 26 هزار چورس فوٽ زمين خريد ڪئي هئي

هن چيو ته آئون ڪراچيءَ ويس ته ڀاءُ دلمراد ڪلهوڙي مون کي فوت ڄاڻائي پلاٽ وڪرو ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا، جڏهن ته هن منهنجي زمين تي هٿياربند به ويهاري ڇڏيا آهن، جيڪي مون کي زمين تي اچڻ جي صورت ۾ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن قبضو ڪندڙن خلاف قانوني قدم کنيو وڃي.

Leave A Comment