اسلام آباد(پنهنجي ڊيسڪ)پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سپريم ڪورٽ جي ڪارروائي ٽي وي تان سڌو ڏيکاري وئي نئين چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ 15 رڪني فل ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ خلاف درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي
پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ خلاف ڪارروائي بابت فل ڪورٽ جوڙڻ جون 3 درخواستون ٻڌڻيءَ لاءِ منظور ڪيون ويون، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ٻڌڻي جي شروعات ڪندي چيو ته دير سان ٻڌڻي شروع ٿيڻ تي معذرت ڪريان ٿو، ٻڌڻي ۾ دير عدالتي ڪارروائي لائيو ڏيکارڻ سبب ٿي
چيف جسٽس چيو ته پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ خلاف ڪيس کي حل ڪرڻ جو بهترين حل اهو هو ته ان تي فل ڪورٽ جوڙي وڃي، فل ڪورٽ جوڙڻ بابت پاڪستان بار ڪائونسل جي اپيل سميت 3 درخواستون ٻڌڻيءَ لاءِ منظور ڪريون ٿا
سپريم ڪورٽ جي ڪارروائي لائيو ڏيکارڻ لاءِ عدالتي ڪمري ۾ سرڪاري ٽي وي پاران ڪيمرائون لڳايون ويون، چيف جسٽس چيو ته عوام اسان کان 57 هزار ڪيسز جو فيصلو چاهي ٿو، فل ڪورٽ فيصلو ڪيو ته عدالتي ڪارروائي لائيو ڏيکارڻ لاءِ هڪ پائلٽ تجربو ڪيو وڃي
عدالتي ڪارروائي لائيو ڏيکارڻ جي امڪانن بابت هڪ ڪميٽي به جوڙي وئي آهي