لاهور: (پنهنجي ڊيسڪ) ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيروڪالهه مصنوعي برسات وسائي وئي، لاهور جي تقريبن 10 علائقن ۾ مصنوعي برسات پئي
پنجاب صوبي جي گادي واري شهر لاهور ۾ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو مصنوعي برسات وسائڻ جو ڪامياب تجربو ڪيو ويو، پنجاب جي وڏي وزير محسن نقوي پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته لاهور جي 10 کان 15 ڪلو ميٽر جي چوڌاري اهو پلان ڪيو ويو جنهن کان پوءِ 10 علائقن ۾ هلڪي برسات پئي
هن چيو ته ڪلائوڊ سيڊنگ جو پهريون مشن ڪجهه دير اڳ ڪيو ويو، شاهدره ۽ مريدڪي طرف ڪڪر وسايا ويا،لاهور جي مختلف هنڌن تي برسات شروع ٿي وئي، مصنوعي برسات جي دوران 48 فليئرز فائر ڪيا ويا
محسن نقوي چيو ته منصوعي برسات ۾ يو اي اي اسان جي مدد ڪئي، مصنوعي برسات لاءِ اسان ڪو گهڻو خرچ نه ڪيو آهي، هن ۾ صرف پاڻي جو خرچ ٿيو، ڪوهيڙي جي خاتمي لاءِ جيڪڏهن خرچ ڪرڻو به پيو ته ضرور ڪنداسين
هن چيو ته مصنوعي برسات سان صحت تي ڪنهن به قسم جو نقصان نه آهي جيڪڏهن نقصان ٿئي ها ته دبئي ۽ آمريڪا جهڙا ملڪ اهو تجربو نه ڪن ها، هن وڌيڪ چيو ته مصنوعي برسات جو تجربو اسان لاءِ تمام گهڻو ضروري هو ۽ ان جا نتيجا رات تائين سامهون اچي ويندا،
نگران وڏي وزير چيو ته اڄ مصنوعي برسات لاهور ۾ ٿي آهي اهو تجربو نئون آهي، هڪ ڀيرو خبر پئجي وڃي جنهن کان پوءِ ٻيا فيصلا ڪنداسين
هن چيو ته اڃان تائين ان جي اثرن تي نظر رکيل آهي، شهر ۾ اسموگ ٽاورز به جلد انسٽال ٿي ويندا، مصنوعي برسات جي لاءِ يو اي اي حڪومت جي ٻن جهازن ڪم ڪيو جنهن کان پوءِ اسان خاموش برسات ڪئي
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اسان نٿا چاهيون ته ڪا بدنظمي ٿئي. مصنوعي برسات جي لاءِ ٻئي فلائٽ ڪجهه ديرکان پوءِ ٿيندي، وفاقي حڪومت مصنوعي برسات جي منصوبي تي ڪم ڪري رهي آهي