ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پاور سيڪٽر جي ملازمن کي ملندڙ مفت بجلي ختم

ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پاور سيڪٽر جي ملازمن کي ملندڙ مفت بجلي ختم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پاور سيڪٽر جي اهلڪارن کي ملندڙ فري يونٽس ختم ڪيا ويا، توانائي واري وزير اويس لغاري لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي آجيان ڪندي چيو ته فري يونٽس جو خاتمو عوام جو سڀ کان پراڻو مطالبو هو، جنهن کي هاڻي پورو ڪيو ويو. هن چيو ته الله تعاليٰ اهڙي قدم جو اعزاز موجوده حڪومت کي عطا ڪيو آهي، اويس لغاري چيو ته انشاءَالله هر اهو ضروري قدم کڻنداسين جيڪو قوم ۽ ملڪ جي بهتري لاءِ هجي.