| ملڪي ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو: شرجيل |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته قائداعظم جو جنم ڏڻ ۽ ڪرسمس خوشي ۽ ڀائيچاري جا ڏينهن آهن، ائداعظم جو اتحاد، ايمان ۽ نظم و ضبط جي اصولن تي ٻڌل ويزن اڄ به قوم لاءِ مشعل راهه آهي. اسان کي سڀني اختلافن کي پوئتي ڇڏي ملڪ جي ترقي ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، قائداعظم جي پاڪستان کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته هر شهري کي برابر موقعا ملن، سڀ شهري آزادي ۽ وقار سان زندگي گذاري سگهن. ھن چيو ته قوم کي پنهنجي قومي سڃاڻپ ۽ قدرن کي فروغ ڏيڻ لاءِ اجتماعي ڪوششون ڪرڻيون پونديون هن چيو ته ڪرسمس اسان کي امن، محبت ۽ رحمدلي جي سچي پيغام جي ياد ڏياري ٿو، پ پ قائداعظم جي اصولن مطابق اقليتي برادري جي حقن جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي