ملڪ خلاف سازش تي 5 سال سزا: آرمي ايڪٽ ۾ ترميم منظور

جُولاءِ 27, 2023

اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) پاڪستان ۽ پاڪ فوج جي مفاد خلاف انڪشاف ڪندڙ خلاف آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ۽ آرمي ايڪٽ تحت ڪارروائي ٿيندي

سينيٽ ۾ آرمي ايڪٽ ۾ ترميمي بل منظور ڪيو ويو آهي، آرمي ايڪٽ 1952ع ۾ ترميم جو

بل وفاقي وزير خواجه آصف پيش ڪيو

منظور ٿيل بل تحت سرڪاري حيثيت ۾ ملڪي سلامتي، مفاد ۾ حاصل معلومات جي غير مجاز انڪشاف تي 5 سال تائين سخت سزا ڏني ويندي، آرمي چيف يا با اختيار آفيسر جي اجازت سان انڪشاف ڪندڙ کي سزا نه ٿيندي

پاڪستان، پاڪستان جي فوج جي مفادن جي خلاف انڪشاف ڪندڙ خلاف آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ۽ آرمي ايڪٽ تحت ڪارروائي ڪئي ويندي

ان قانون جي ماتحت شخص سياسي سرگرمي ۾ حصو نه وٺندو، لاڳاپيل شخص رٽائرمينٽ، استعيفا، برطرفي جي 2 سالن تائين سياسي سرگرمي ۾ حصو نه وٺي سگهندو، حساس ڊيوٽي تي مقرر شخص 5 سالن تائين سياسي سرگرمي ۾ حصو نه وٺي سگهندو،سياسي سرگرمي ۾ حصو وٺڻ جي پابندي جي ڀڃڪڙي ڪندڙ کي 2 سالن تائين سزا ٿيندي

اليڪٽرانڪ ڪرائم ۾ ملوث شخص جنهن جو مقصد پاڪ فوج کي بدنام ڪرڻ هجي ته ان خلاف اليڪٽرانڪ ڪرائم تحت ڪارروائي ٿيندي

Leave A Comment