ملڪ جي بهتري لاءِ مشاورت: نواز شريف دبئي ۾ وڌيڪ هڪ هفتو ترسندو

جُولاءِ 1, 2023

دبئي(پنهنجي ڊيسڪ) پاڪستان جي سياسي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ دبئي ۾ سياسي قيادت جون ملاقاتون جاري آهن، نواز شريف پڻ وڌيڪ هڪ هفتو دبئي ۾ ئي ترسي اهم ملاقاتون ڪندو

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب دبئي هن وقت پاڪستاني سياست جو مرڪز بڻيل آهي جٿي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ديرو ڄمائي ويٺو آهي ۽ گذريل ڪجهه ڏينهن کان اهم ملاقاتون ڪري رهيو آهي

ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳوڻي وزير اعظم ملڪي معاشي نطام کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ ملاقاتن جو اهو سلسلو وڌيڪ هڪ هفتو جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي

اڳوڻو وزيراعظم ۽ مسلم ليگ ن جو سربراهه وڌيڪ هڪ هفتو دبئي ۾ ترسندو جنهن دوران مختلف وفدن سان ملاقاتون ڪري ملڪ جي معيشت کي ترقي وٺرائڻ لاءِ صلاح مشورا ڪندو

Leave A Comment