ملڪي معيشت کي ريورس گيئر، مهانگائي ۾ به اضافو

جُون 8, 2023

اسلام آباد(بيورورپورٽ) ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار قومي اقتصادي سروي پيش ڪندي چيو آهي ته ملڪ جي معاشي ترقي جي شرح گهٽجي 0.29 سيڪڙو رهي.

هن چيو ته گذريل مالي سان تمام ڏکيو هو، حڪومت جي ترجيح آهي ته ميڪرو اڪنامڪ ترقي سان گڏجي هلون، ملڪ کي ٻيهر 2017ع واري سطح تي وٺي وڃڻ چاهيون ٿا.

هن چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح 29 سيڪڙو ٿي وئي آهي، اسان 2022ع ۾ حڪومت نه سنڀاليون ها ته پاڪستان خبر ناهي ڪٿي پهچي چڪو هجي ها.

هن چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت ملڪ جي قرضن ۾ سئو سيڪڙو اضافو ڪيو، قرض ۽ وياج جي ادائگي 7 هزار ارب رپين تائين پهچي چڪي آهي.

Leave A Comment