ملڪ انارڪي جي رستي تي ڇو ڊوڙي رهيو آهي؟

آگسٽ 30, 2023

 جنرل ضياءَ الحق جي مارشل لا واري دور ۾ اسان جو ملڪ هر اول دستي طور ڪميونزم جي خلاف جهاد جي اڳواڻي ڪري رهيو هو. پوري دنيا جون مشنري فوجون، هٿيار ۽ ڊالر اسان جي مبارڪ هٿن سان افغان جهادين تائين پهچايا پئي ويا. ان دور ۾ آمريڪي ڊالرن سان گڏ عرب ريال، جرمن روبل، انگريز پائونڊ ۽ فرينچ فراڪن جي فراواني هئي. ملڪ ۾ نقلي خوشحالي جو دور هو. ڪافي ماڻهن ان وهندڙ گنگا مان اشنان ڪري پاڻ کي اشراف بڻايو هو. ان  نقلي خوشحالي جي قيمت سياسي ڪارڪنن، خاص ڪري ترقي پسند ۽ جمھوريت پسند ماڻهن کي ادا ڪرڻي پئي هئي. مارشل لا ڪورٽون، جيل ۽ ڪوڙهن جون سزائون عام هيون. سياسي پارٽيون متروڪ  هيون ته وري پريس پابندين ۾ قيد هئي. ماڻهن کي سياست تي ڳالهائڻ جي لاءِ پنهنجي گهر جي ڊرائنگ روم ۾ به ڊپ ٿيندو هو. ارشاد ساگر مرحوم انهن ڏينهن ۾ رياستي عتاب ۾ رهيو هو ۽ ان تڪليف کي هنن لفظن ۾ بيان ڪيو هو؛

جڏهن ديوَ اونداھ جي لَهڻو اڳاڙيو،

سُڄا چنڊ تنهنجون ڀريون سين چَٽيون.

پاڪستان جي مقابلي ۾ انڊيا جي صورتحال ڪافي مختلف هئي، جتي ڪانگريس جي حڪومت ماڻهن کي جمھوري آزاديون ته ڏنيون هيون پر اتي معيشيت جو حال ڪو سٺو ڪونه هو. پاڪستان جي نقلي خوشحالي جي چمڪ  انڊين عوام کي هرکائي رهي هئي، اسان جا انڊيا ۾ مائٽ ريشمي ڪپڙي، واٽر ڪولر ۽ ٻين بنيادي شين جي لاءِ تڙپندا هئا ۽ جي ڪو سنڌي انڊيا گهمڻ ويندو هو ته پاڻ سان گڏ ٻه عدد ڪولر ۽ ريشمي ڪپڙي جو ٿان کڻي ويندو هو، جنهن کي وڪڻي هو مزي سان انڊيا گهمي ايندو هو. اسان جي روپئي جي قدر انڊيا جي رپئي کان ڪافي وڌيڪ هئي. انڊيا خاص ڪري گجرات جا ماڻهو اسان جي ماڻهن جو ٺٺ ٺانگر ڏسي اچرج کائيندا هئا. وقت تيزي سان گذري ويو ۽ هاڻي 2023ع ۾ خطي جي معاشي ۽ سياسي صورتحال ڪافي بدلجي وئي آهي. انڊيا ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جو دور شروع ٿيو آهي. هُن سائنسي ميدان ۾ ترقي ڪري چنڊ جي ڏاکڻي حصي تي پنهنجو ڌاڪو ڄمايو آهي. هو دنيا جو پهريون ملڪ آهي جنهن اها ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. دنيا جي سڀ کان وڌيڪ آبادي هئڻ جو اعزاز هن وٽ پهرين ئي هو ۽ هاڻي هن جي ڪوٽ ۾ ستارن سان گڏ چنڊ به لڳي ويو آهي. مغرب جي ڪجھ دانشورن جي خيال ۾ اڄ جو انڊيا پنهنجي پراڻي سامراج برطانيا کان وڌيڪ طاقتور آهي.

انڊيا جي مقابلي ۾ اسان جي نقلي خوشحالي ۽ آمريڪي محبت ڪافور جيان فضا ۾ اڏامي وئي آهي. اسان پنهنجي جيو پاليٽڪس، معاشيات، سياست، تعليم وغيره جي لاءِ منفرد سسٽم جوڙيو آهي. اليڪشن محض ڏيکاءُ آهي ۽ عوام جي قسمت جا فيصلا  ڪرڻ جو حق اشرافيا پاڻ وٽ رکيو آهي. ان سسٽم ۾ خالي اسٽيبلشمينٽ نه آهي پر واپاري، بيوروڪريسي، مذهبي مدرسا، سياستدان، جڊيشري، ميڊيا، نسلي گروه وغيره ان جا ساٿاري آهن. جڏهن انهن جا پاڻ ۾ اختلاف ٿيندا آهن ته پوءِ سڀني کي عوام ياد ايندي آهي. ان سسٽم عوام جي پگهر جي پورھئي مان حاصل دولت کي پنهنجي پنهنجي عياشين ۾ لٽايو آهي. غريب ته پهرين بک، بيماري، بيروزگاري، غربت ۾ غرق هو پر هاڻي مڊل ڪلاس کي به غربت ۾ ڌڪڻ جون ڪوششون هلي رهيون آهن. هن مهيني جا بجلي جا بل ان جو هڪڙو مثال آهن. سواءِ ننڍي اشرافيه جي، باقي خلقِ خدا پنهنجي مستقبل کان مايوس ٿي چڪي آهي. آهستي آهستي اهو سسٽم وائکو ٿيندو ٿو وڃي ۽ محڪومن کي سمجھ اچي رهي آهي تہ ان سسٽم ۾ انهن جي لاءِ ڪا خير جي اميد ڪونهي. اهڙيون حالتون انارڪي جي لاءِ موزون هونديون آهن. اهڙي مايوسي، نفرت ۽ غصي ۾ جيڪڏهن ڪا سياسي پارٽي انهن ماڻهن جي لاءِ آواز نہ اٿاريندي تہ ان جو نتيجو انارڪي ۾ نڪرندو. يا وري ڪو انتها پسند ان جو فائدو وٺندو. اميل هينري بورجوا انارڪسٽ هو. پئرس ۾ ڌماڪو ڪرڻ کان پوءِ هن اهو دليل ڏنو هو تہ حڪمرانن کي هُن تي مقدمو هلائڻ جو ڪو حق ڪونهي. پنهنجي دليلن ۾ هُن چيو هو تہ: ممعصوم ٻار آهستي آهستي ڪمزوريءَ جي ڪري مري رهيا آهن، ڇو تہ انهن کي روٽي جو ٽڪڙو ماني ڳڀو بہ ميسر نہ آهي. عورتون چند ڪوڙين جي اجرت لاءِ فيڪٽري جي چمني ۾ دونهين سان گڏ پاڻ کي ساڙڻ ۾ خوش آهن جو گهٽ ۾ گهٽ انهن کي ڪنهن ڪوٺي تي ڌنڌو نہ ٿو ڪرڻو پوي. پوڙهن ماڻهن پاڻ کي انسان مان مشين بڻايو آهي تہ جيئن هو توهان جا ڪارخانا هلائين ۽ جڏهن انهن ۾ همت نہ رهي تہ توهان انهن کي رستن تي ڦٽو ڪريو. اهو  سسٽم به عجيب آهي ته غريب آزاد آهي تہ هو ڀلي بک مري، پنهنجي جگر جي ٽڪڙن کي سر بازار وڪڻي يا وري خودڪشي ڪري. حڪمران اشرافيا پنهنجي لٽ مار کي جاري رکڻ جي لاءِ آئين، قانون، آزادي، اخلاقيات، سماجي نظم ضبط ۽ تهذيب جو درس ڏئي رهي آهي. پنج سئو سال پهرين انگريز فلسفي جان لاڪ  جي خيالن کان متاثر ٿي آمريڪي ابن جمھوريت جو بنياد وڌو هو ۽ هُن جي فلسفي جي بنياد تي ئي آمريڪي آئين جوڙيو هو. هُن خبردار ڪيو هو تہ، ”مون کي ان ڳالھ ۾ ڪو شڪ نه آهي تہ جيڪڏهن ڪو منهنجي آزادي کسي ٿو يا وري طاقت جي جنون ۾ مون کان سڀ ڪجھ ڦري ٿو تہ مون کي حق آهي تہ آئون ان سان اهو سلوڪ رکان جيڪو هُن مون سان رکيو آهي. مون کي حق آهي تہ جيڪو مون سان وڙهي رهيو آهي تنهن کي موقعو ملڻ تي قتل ڪريان. آئين قتل ٿي چڪو آهي ۽ سياستدان ان جو جنازو بازار مان گهمائي دفن ڪرڻ نڪتا آهن، جيئن آئينده ڪنهن مطق الانان کي اها زحمت نہ ڪرڻي پوي. آخرڪار اسان ان  نتيجي  تي پهتا آهيون تہ چند ماڻهو ئي اسان جي وڏي اڪثريت تي حڪمراني ڪن ٿا. ان نتيجي ڪڍڻ کان پوءِ بڪونن ان جو حل بہ ٻڌايو هو تہ هر قسم جي جبر، استحصال ۽ تسلط جي خلاف جدوجهد ڪرڻ فرض آهي.

Leave A Comment