ملڪ اندر سڌي سيڙپڪاري ۾ گهٽتائي جو اعتراف، جنگ ذميوار

ملڪ اندر سڌي سيڙپڪاري ۾ گهٽتائي جو اعتراف، جنگ ذميوار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ سوالن واري وقفي دوران وزير اعظم آفيس بابت انچارج وزير پاران ملڪي معيشت بابت تفصيل ايوان ۾ پيش ڪيا ويا. جمع ڪرايل رپورٽ مطابق مالي سال 2023-24 ۽ 2024-25 دوران معاشي بهتري ٿي. مهانگائي تقريبن 30 سيڪڙو مان گهٽجي 5.5 سيڪڙو ٿي وئي. وياج جي شرح 22.5 سيڪڙو مان گهٽجي 10.5 سيڪڙو ڪئي وئي. آئي ٽي برآمدات سالياني 3 ارب ڊالر تائين پهتيون، گذريل ٻن مالي سالن دوران غير ملڪي سيڙپڪاري 3166.3 ۽ 4280.3 ملين ڊالر رهي، ٻن سالن جي سيڙپڪاري اڳوڻي عرصي جي ڀيٽ ۾ 35.2 سيڪڙو وڌيڪ آهي. حڪومت پاران سڌي پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ وڏي پئماني تي گهٽتائي جو اعتراف ڪيو ويو. هلندڙ مالي سال جولاءِ 2025 کان فيبروري 2026 دوران خطي جي ڇڪتاڻ سبب سيڙپڪاري گهٽ ٿي. افغانستان، ايران ۽ آمريڪا وچ تڪرارن ۽ اسرائيل سان جنگ سبب سيڙپڪاري ۾ 22 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي. رپورٽ مطابق غير ملڪي سيڙپڪاري 3088.7 مان گهٽجي 2409.2 ملين ڊالر تائين اچي وئي.