| ملڪ اندر 4 ورهين دوران ساڍا 7 هزار عورتون قتل: 89 هزار اغوا ۽ 16 هزار سان لڄالٽ |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه جي صدارت ۾ شروع ٿيو. اجلاس جي شروعات ۾ ئي پي ٽي آءِ جي ميمبر اقبال آفريدي ڪورم جي نشاندهي ڪئي، ڳڻپ بعد ڪورم مڪمل نڪتو ۽ ايوان جي ڪارروائي شروع ٿي. قومي اسيمبلي کي تحريري جواب ۾ ٻڌايو ويو ته توانائي واري وزارت زرعي ۽ صنعتي صارفين لاءِ سرپلس پاور پيڪيج متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. توانائي وزير موجب پيڪيج ٽـن سالن لاءِ هوندو ۽ ان تحت ڄاڻايل صارفين کي 8 کان 9 پيسا في يونٽ جي لاڳت تي بجلي فراهم ڪئي ويندي. پيٽروليم واري وزارت 2023ع ۾ متعارف ڪرايل سرڪاري ريفائننگ پاليسي تي عملدرآمد نه ٿيڻ جو انڪشاف ڪيو، وفاقي وزير موجب پيٽروليم منصوعات جي، جي ايس ٽي خرچن سبب پاليسي تي عمل درآمد ناهي ٿي سگهيو. مولانا عبدالغفور حيدري چيو ته نواز شريف، عمران خان ۽ شهباز شريف سڀني بلوچستان ۾ موٽروي جو اعلان ڪيو، پر عمل نه ٿيو.
اسلام آباد: قومي اسيمبليءَ ۾ گذريل چئن سالن دوران ملڪ اندر عورتن مٿان تشدد ۽ ٻين ڏوهن جي ڪيسن جا تفصيل پيش ڪيا ويا، گذريل چئن سالن دوران ساڍا 7 هزار عورتون قتل، 89 هزار 599 عورتن کي اغوا ۽ 127 عورتن کي تيزاب ۾ ساڙڻ کان علاوه 16 هزار 135 عورتن سان جنسي زيادتي ۽ 1636 عورتن سان گينگ ريپ جا واقعا پيش آيا. قانون جي وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ ملڪ اندر عورتن تي تشدد جي واقعن بابت سوال جو لکت ۾ جواب پيش ڪندي اعتراف ڪيو آهي ته عورتن تي تشدد سميت ٻين واقعن ۾ ڳڻتيءَ جوڳو اضافو ٿيو آهي. گهريلو تشدد، ڪارنهن الزام هيٺ عورتن کي قتل ڪيو ويو، جڏهن ته حراست ۾ 121 عورتن سان جنسي ڏاڍائي ڪئي وئي. لکت واري جواب ۾ چيو ويو آهي ته اِن عرصي دوران 127 عورتن کي تيزاب هاري ساڙيو ويو.