| ملڪ اهم آهي يا عمران ؟ پي ٽي آءِ فيصلو ڪري: خالد مقبول |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم جي سربراهه خالد مقبول صديقي، مصطفيٰ ڪمال، انيس قائمخاني، ڊاڪٽر فاروق ستار، امين الحق چيو آهي ته ملڪ تاريخ جي انتهائي نازڪ موڙ تي بيٺل آهي، جتي سياسي عدم استحڪام جو خطرو برقرار آهي، جيڪو هاڻي وڌيڪ برداشت نٿو ڪري سگهي. ڪالهه پريس ڪانفرنس ڪندي هنن چيو ته 2018 ۾ ڪراچي مان ايم ڪيو ايم جون 14 سيٽون گهٽائي 4 ڪيون ويون، شهر کي حقيقي نمائندگي کان محروم ڪيو ويو. هنن ملڪ جي سياسي معاملن ۾ غير ملڪي مداخلت تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي حڪومت کان ايڪشن جو مطالبو ڪيو.ان موقعي تي مصطفيٰ ڪمال چيو ته پاڪستان جي فوج ڪنهن هڪ جماعت نه پر سڄي قوم جي فوج آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ ۽ ان جو سربراهه فوج خلاف منفي مهم هلائي رهيا آهن . هن پي ٽي آءِ کي پاليسيون تبديل ڪرڻ جي صلاح ڏيندي چيو ته ادارن کي بدنام ڪرڻ سان ملڪ جو نقصان ٿيندو. ايم ڪيو ايم اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته پي ٽي آءِ سربراهه کي جمهوري طريقي سان هٽايو ويو، هو جيل مان ويهي ملڪ دشمن بيانيو هلائي رهيو آهي. هن چيو ته پلواما واقعي کانپوءِ ڀارتي پائلٽ اڀي نندن کي ڇو آزاد ڪيو ويو؟ فاروق ستار موجب پي ٽي آءِ جي سياست ادارن جي مخالفت تائين محدود ٿي چڪي آهي، جيڪا قومي سلامتي لاءِ خطرناڪ آهي، هنن چيو ته پي ٽي آءِ کي فيصلو ڪرڻ گهرجي ته ملڪ اهم آهي يا انهن جو قائد عمران خان اهم آهي؟