ملڪ بدر ڪيل پاڪستانين جا پاسپورٽ رد ڪرڻ جو فيصلو

مَي 24, 2025

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ ) حڪومت پرڏيهه مان ڊي پورٽ ڪيل پاڪستانين جا پاسپورٽ منسوخ ڪرڻ ۽ انهن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پرڏيهه مان ڊي پورٽ ٿيل پاڪستانين جا پاسپورٽ منسوخ ڪرڻ ۽ انهن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

اجلاس ۾ پاسپورٽ قانونن کي وڌيڪ سخت ۽ بهتر بڻائڻ لاءِ گهرو سيڪريٽري جي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي وئي آهي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته ملڪ بدر ڪيل ماڻهن جا نالا به 5 سالن لاءِ پاسپورٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ڪيا ويندا.

هن وڌيڪ چيو ته جيڪي ملڪ بدر ڪيا ويا آهن اهي پاڪستان لاءِ بين الاقوامي شرمندگي جو سبب بڻجي رهيا آهن ۽ انهن سان ڪا به رعايت نه ڪئي ويندي.

لاڳاپيل پوسٽون

  • سنڌ ۾ پلاسٽڪ ٿيلهين تي پابندي، عوام اڻڄاڻ

  • حڪومت پئٽرول جا اگهه وڌائي ڇڏيا

  • رستم: ٻن ڀائرن سميت 3 ڄڻا مبينا اغوا

  • شڪارپو مان اغوا ٿيل نينگر بازياب