ملڪ جا 6 ايئرپورٽ سخت متاثر: 52 اڏامون معطل: دبئي، دوحا، شارجا، رياض ۽ مدينه روٽ بند

ملڪ جا 6 ايئرپورٽ سخت متاثر: 52 اڏامون معطل: دبئي، دوحا، شارجا، رياض ۽ مدينه روٽ بند

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ جي 6 مختلف ايئرپورٽن تي فضائي آپريشن سخت متاثر ٿيو آهي، جتي مختلف ايئرلائنز جون 52 ٻطرفي اڏامون منسوخ ڪيون ويون آهن. ڪراچي ايئرپورٽ تان سڀ کان وڌيڪ 28 اڏامون منسوخ ٿيون آهن. اسلام آباد ايئرپورٽ تان 4، لاهور کان دبئي ويندڙ 4 اڏامون، پشاور ايئرپورٽ تي 10، ملتان ايئرپورٽ تان 4 اڏامون منسوخ ٿيون آهن. پي آءِ اي، ايئر بليو، قطر ايئرويز سميت ڪيترين ئي ايئرلائنز جون پروازون متاثر ٿيون آهن. دبئي، دوحا، شارجا، رياض، مدينه سميت ڪيترائي بين الاقوامي روٽ بند، 37 ڏينهن ۾ پشاور کان نار ملڪن ڏانهن 2808 اڏامون متاثر ٿيون. اڏامن جي منسوخي سبب هزارين مسافر پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. ايئرپورٽن تي دير، منسوخي ۽ سفري غير يقيني صورتحال برقرار آهي.