ڇاڇرو (ن پ ا) ٿر جو رهواسي 167 سال ڄمار رکندڙ ايسرو ولد ڀارمل ڀيل ديانت ڪري ويو، فوتي 4 پيڙهين ۾ 300 کان وڌيڪ پوٽا پوٽيون ۽ ڏوهٽا ڏوهٽيون سوڳوار ڇڏي ويو آهي
ٿر جي تاريخ ۾ وڏي ڄمار ماڻيندڙ شخص هو، ان ڏس ۾ ڳوٺ روهيراڙو صاحباڻي جو رهواسي 167 سال وڏي ڄمار رکندڙ پيرسن ايسرو مل ولد ڀارمل ڀيل ديانت ڪري ويو
فوتي جي وارثن ۾ ڪيول رام ڀيل جو چوڻ آهي ته پيرسن پنهنجي اکين سان 4 پيڙهيون ڏٺيون آهن، پيرسن جي خاندان ۾ چار پٽن مان 32 پوٽا ۽ پوٽيون آهن، پنج ڌيئرن مان 36 ڏوهٽا ڏوهٽيون آهن
ايسرو ڀيل جي باقي ٻن پڙهين ۾ پڙ ڏوهٽن ڏوهٽين ۽ پڙپوٽن ۽ پڙپوٽين جون آهن، جنهن ۾ ٽوٽل پيرسن جي خاندان ۾ 300 کان وڌيڪ فرد سوڳوار آهن
وڏي ڄمار رکندڙ پيرسن سڄي زندگيءَ هاريپو ڪيو آهي، گذريل 10 سالن کان هلڻ کان لاچار هو، پيرسن جي خاندان جا فرد ٿر ۽ بئراجي جي مختلف علائقن ۾ رهندا آهن