| ملڪ جو ڪهڙو حشر ٿيندو؟ نظام ٽوڙڻ گهرون ٿا، جونيئر ذوالفقار |
دادو (رپورٽر) پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل نادر جمالي جي وارثن سان اظهارِ يڪجهتي لاءِ جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو دادو پهچي نادر جمالي جي پٽ، سئوٽن ۽ ٻين وارثن سان ملاقات ڪري فاتحه خواني ۽ ڏک جو اظهار ڪيو ان موقعي تي ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو چيو ته اسان هي نظام ٽوڙڻ گهرون ٿا، قاتلن ۽ ظالمن جي نظام خلاف ويڙهه ڪرڻي آهي، آئيني ترميمن سان عوام کي نه، پر ننڍن وڏن حڪمرانن کي فائدو ٿيو آهي، جهڙي نموني ملڪ هلايو وڃي ٿو، ڄاڻون ٿا ته 10 سالن ۾ ملڪ جو ڪهڙو حشر ٿيندو، جونيئر ذوالفقار وڌيڪ چيو ته نادر جمالي جي پونيئرن کي انصاف ڏيڻ سنڌ سرڪار جي ذميواري آهي، جنهن جو شهيد گهراڻي واسطو آهي، اُهو سمجهي سگهي ٿو ته هتي انصاف ملڻ ڪيڏو ڏُکيو آهي