اسلام آباد(پنهنجي ڊيسڪ)گڏيل مفادن واري ڪائونسل نئين آدمشماري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن بعد هاڻ ايندڙ عام چونڊون نئين آدمشماري تحت ئي ٿينديون، اليڪشن ڪميشن کي نئين آدمشماري تحت تڪ بنديون ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اسلام آباد ۾ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ وڏن وزيرن سيد مراد علي شاهه ۽ عبدالقدوس بزنجو سميت پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي ۽ ڪي پي جي نگران وڏي وزير اعظم خان سميت وفاقي وزيرن ۽ ميمبرن شرڪت ڪئي
گڏيل مفادن واري ڪائونسل ڊجيٽل آدمشماري 2023 جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن بعد عام چونڊون 2024 تائين ليٽ ٿيڻ جو خدشو وڌي ويو آهي
سي سي آءِ جي اجلاس ۾ نئين آدمشماري جي متفقه طور منظوري ڏني وئي، ذريعن موجب نئين ڊجيٽل آدمشماري جي منظوري جو گزيٽڊ نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ بعد اليڪشن ڪميشن نيون تڪبنديون ڪرائڻ جي پابند هوندي
نئين تڪبندين سبب عام چونڊون 2024 تائين اڳتي وڃي سگهن ٿيون، ذريعن موجب نئين آدمشماري موجب ملڪ جي آبادي 24 ڪروڙ 10 لک ٿي وئي آهي، پنجاب جي آبادي 12 ڪروڙ ۽ سنڌ جي آبادي 5 ڪروڙ کان وڌي وئي آهي
خيبر پختونخواهه جي آبادي 3 ڪروڙ ۽ بلوچستان جي آبادي 2 ڪروڙ تائين پهتي آهي