گذريل هفتي اسلام آباد ۾ ٿيل ايڪنڪ جي اجلاس ۾ لاهور-ساھيوال- بهاولنگر موٽروي ۽ خوازه خيله- بشام ايڪسپريس وي جي منظوري ڏئي انهن کي ترجيح ڏني وئي، جڏهن ته ان کان اڳ کاريان- راولپنڊي موٽروي کي به ترقياتي ترجيحن ۾ شامل ڪيو ويو هو. انهن منصوبن جي پنهنجي تعميري، معاشي ۽ علائقائي اهميت ضرور ٿي سگهي ٿي، پر پاڪستان کي متبادل يا فاصلو گهٽ ڪندڙ رستن ۽ ملڪ جي بنيادي اتر- ڏکڻ موٽروي واري رهيل ايم- 6، وچ ۾ فرق ڪرڻو پوندو.
هن پسمنظر ۾ سکر- حيدرآباد ايم- 6 جي تڪميل کي قومي ترجيحن ۾ سڀ کان مٿانهين جاءِ ملڻ گهرجي. لڳ ڀڳ 306 ڪلوميٽر ڊگهو هي منصوبو ڊگهي عرصي کان دير جو شڪار آهي، جڏهن ته اهو پشاور- ڪراچي موٽروي نيٽ ورڪ جو هڪ انتهائي اهم حصو آهي. لڳ ڀڳ 1,150 ڪلوميٽرن تي پکڙيل هي اتر- ڏکڻ موٽروي رابطو پاڪستان جي معاشي سرگرمين، اندروني واپار ۽ بندرگاهن تائين رسائي جي بنيادي رڳ واري جي حيثيت رکي ٿو.
سکر- حيدرآباد ايم- 6 ڪا عام شاهراهه نه، پر قومي اقتصادي راهداري جي گم ٿيل ڪڙي آهي، ڪراچي پاڪستان لاءِ دنيا سان بنيادي تجارتي دروازو آهي. ملڪ جون وڏيون بندرگاهون عالمي واپار جو وڏو حصو سنڀالين ٿيون، جڏهن ته ڪراچي ۾ پيدا ٿيندڙ معاشي سرگرميون ملڪ جي مختلف علائقن جي صارفين، صنعتن، واپارين ۽ ڪاروباري ادارن سان ڳنڍيل آهن. ڪراچي کان پنجاب، خيبرپختونخوا ۽ اتر بلوچستان ڏانهن سامان جي موثر، محفوظ ۽ قابلِ اعتماد زميني ترسيل لاءِ بهتر مواصلاتي رابطو انتهائي ضروري آهي. ساڳيءَ طرح زرعي پيداوار، تيار ٿيل مصنوعات ۽ ملڪ اندر پيدا ٿيندڙ برآمدي شين کي به ڪراچي جي بندرگاهن تائين بروقت پهچڻ گهرجي.
هن وقت ڊگهي فاصلي واري ٽريفڪ کي اين- 5 (نيشنل هائي وي) ذريعي سنڌ جي پراڻن ۽ سوڙهن رستن مان گذرڻو پوي ٿو. اهڙو سفر جيڪو ڪجهه ڪلاڪن ۾ مڪمل ٿيڻ گهرجي، اهو اڪثر غير يقيني، مهانگو ۽ تڪليف ڏيندڙ حد تائين سست ٿي وڃي ٿو. ان جو نقصان رڳو مسافرن يا ٽرانسپورٽ آپريٽرن تائين محدود نٿو رهي، پر اهو سڄي قومي معيشت تي سڌي ريت لاجسٽڪ بار بڻجي وڃي ٿو. هن صورتحال جا اثر خاص طور تي جلدي خراب ٿيندڙ زرعي شين لاءِ وڌيڪ سنگين آهن. شاهراهه تي ضايع ٿيندڙ هر اضافي ڪلاڪ خوراڪ ۽ زرعي پيداوار جي خراب ٿيڻ جا امڪان وڌائي ٿو ۽ انهن جي مارڪيٽ ويليو گهٽائي ٿو. ٻئي طرف مال بردار گاڏين جي مالڪن کي اضافي ٻارڻ، ٽائرن، مرمت، ڊرائيورن جي اضافي ڪم جي وقت ۽ گاڏين جي قدر ۾ گهٽتائي جي صورت ۾ وڌيڪ خرچ برداشت ڪرڻو پوي ٿو. ترسيل ۾ دير ڪاروباري ادارن لاءِ انوينٽري جي لاڳت وڌائي ٿي، جڏهن ته ٽريفڪ جو دٻاءُ ٻارڻ جي وڌيڪ استعمال ۽ غير ضروري ڪاربان جي اخراج جو سبب پڻ بڻجي ٿو.
ايم-6 جي تعمير سان ڊگهي فاصلي واري ڳري ٽريفڪ کي مقامي ٽريفڪ کان الڳ ڪري هڪ ڪنٽرولڊ ايڪسيز موٽروي ذريعي هلائي سگهجي ٿو. ان سان موجوده قومي شاهراهه تي دٻاءُ گهٽ ٿيندو، سفر جو وقت وڌيڪ قابلِ بڻجندو ۽ ملڪ جي اترين علائقن ۽ ڪراچي وچ ۾ مال برداري وڌيڪ موثر ٿي سگهندي. اهو ئي سبب آهي ته حڪومت کي پنهنجي ترقياتي ترجيحن جو ٻيهر جائزو وٺڻ جي ضرورت آهي. لاهور- ساھيوال- بهاولنگر موٽروي، کاريان- راولپنڊي موٽروي ۽ خوازه خيله- بشام ايڪسپريس وي پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ اهم علائقائي فائدا، متبادل رابطا يا فاصلي ۾ گهٽتائي فراهم ڪري سگهن ٿا. پر اهي منصوبا ملڪ جي بنيادي اتر- ڏکڻ ڪراچي پشاور موٽروي کي مڪمل ڪرڻ جو متبادل نٿا ٿي سگهن. پاڪستان کي اهڙي وقت ۾ پنهنجي قومي راهداري جي بنيادي گم ٿيل حصي کي اڌورو ڇڏي، مختلف علائقن ۾ متبادل رستن يا نسبتاً گهٽ فاصلي وارن منصوبن کي ترجيح نه ڏيڻ گهرجي، جڏهن ملڪ کي ڪراچي جي بندرگاهن، صنعتي مرڪزن، وڏن تجارتي شهرن ۽ قومي مارڪيٽن وچ ۾ موثر مال بردار رابطي جي سخت ضرورت آهي.
تقريباً ٽن ڏهاڪن کان جاري واعدن کان پوءِ پاڪستان کي رڳو هڪ ٻئي اعلان کان اڳتي وڌڻ جي ضرورت آهي. حڪومت کي ايم-6 لاءِ واضح، قابلِ عمل ۽ وقت جي پابند مالي، خريداري ۽ تعميراتي منصوبو تيار ڪرڻ گهرجي. سڄي ڪوريڊور جي تڪميل لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي ضروري آهي، نه ڪي اهڙا الڳ الڳ ذيلي منصوبا جن جي وچ ۾ قومي سطح تي ڪا واضح ترجيحي ۽ تڪميلي ترتيب موجود نه هجي.
هن منصوبي جي معاشي اهميت کي به نئين انداز سان ڏسڻ جي ضرورت آهي. حڪومت کي رڳو اهو سوال نه ڪرڻ گھرجي ته ايم-6 جي تعمير تي ڪيتري لاڳت ايندي؟ پر اهو ڏسڻ گھرجي ته ايم 6 موٽروي جي نه ٺهڻ سبب پاڪستان کي هر سال ڪيترو معاشي نقصان ٿي رهيو آهي؟ هن نقصان ۾ اضافي ٻارڻ جو استعمال، مال برداري ۾ دير، گاڏين جي آپريٽنگ خرچن ۾ واڌ، ٽريفڪ حادثا، زرعي پيداوار جو ضايع ٿيڻ، شاهراهن تي رش ۽ واپار جي ضايع ٿيندڙ موقعن کي به شامل ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن انهن سڀني عنصرن کي قومي معيشت جي مجموعي نقصان ۾ شمار ڪيو وڃي ته ايم-6 جي لاڳت کي رڳو تعميراتي خرچن جي نظر سان ڏسڻ هڪ اڌورو معاشي تجزيو هوندو.
پاڪستان کي وڌيڪ پکڙيل موٽروي منصوبابندي جي ضرورت ناهي، جڏهن ته ان جي بنيادي اقتصادي رڳ سکر حيدرآباد موٽروي شريان اڃا تائين اڌوري آهي. ايم-6 کي فوري قومي بنيادي ڍانچي جي ترجيح بڻايو وڃي، جڏهن ته نئين ايم-10 سميت ڪراچي سان لاڳاپيل ٻين منصوبن جي منصوبابندي اهڙي انداز سان ڪئي وڃي، جو اهي هن قومي ڪوريڊور سان موثر نموني ڳنڍيل هجن. پشاور-ڪراچي موٽروي ڪوريڊور کي مڪمل ڪرڻ رڳو هڪ ٻي شاهراه تعمير ڪرڻ جو معاملو ناهي. هي ان بنيادي رابطي کي مڪمل ڪرڻ جو سوال آهي، جنهن تي پاڪستان اڳ ئي ڪيترن ئي ڏهاڪن ۽ اربين رپين جي سيڙپڪاري ڪري چڪو آهي. ملڪ کي پهرين پنهنجي بنيادي اقتصادي رڳ مڪمل ڪرڻي پوندي، پنهنجي سڀ کان وڏي تجارتي دروازي کي قومي منڊي سان موثر نموني ڳنڍڻو پوندو، ۽ ان کان پوءِ متبادل يا فاصلو گهٽ ڪندڙ رستن کي تقابلي ترجيح ڏيڻ گهرجي.
ايم-6 رڳو هڪ موٽروي ناهي؛ اها پاڪستان جي اتر ۽ ڏکڻ، پيداوار ۽ منڊي، صنعت ۽ بندرگاهه، ۽ مجموعي قومي معيشت کي هڪ موثر زميني رابطي ۾ ڳنڍيندڙ گم ٿيل ڪڙي آهي. هاڻي ضرورت هڪ ٻئي واعدي جي نه، پر ان کي مڪمل ڪرڻ جي واضح فيصلي جي آهي.