ملڪ جي صورتحال ۽ سنڌ لاءِ سوال

جُولاءِ 16, 2023

                 سنڌ جي گرم شهر جو سرگرم انقلابي ۽ جهونو صحافي عبدالڪريم گدائي هڪ عوامي شاعر به هو. جڏهن ايوبي دور ۾ اڳيان هيندل هلائي اسٽارٽ ڪيون ويندڙ آمريڪا جون سائي رنگ واريون وليز (Willies) جيپون سنڌي ڳوٺن جي ڪچن رستن مٿان ڌوڙ جا ڪڪر ڪٺا ڪنديون نظر اينديون هيون ته عام ماڻهو بنا اخبار ۽ ريديو جي سمجهي ويندا هئا ته، “وڏيرا چونڊ مهم تي نڪتا آهن”.

هي اهوئي دور هو، جڏهن ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ جا نظرياتي ساٿي هارين ۾ سياسي سجاڳي پيدا ڪرڻ جي لاءِ پِني سِني ورتل لائوڊ اسپيڪر تان پنهنجو پيغام ان نظم جي صورت پيش ڪندا هئا ته:

“نه اچڻا نه، نه وڃڻا

هي لاچار آيا

کڻي سبز نوٽن جا انبار آيا

ڪرڻ توسان ووٽن جو واپار آيا

خبردار! هاري جو ڀوتار آيا”

جيتوڻيڪ اهو نظم ملڪي تاريخ جي ان سياسي مقام ۾ گهڻو وقت اڳ ئي دفن ٿي چڪو هو، جنهن مٿان هاڻي پارلياماني جمهوريت جي پلازا ٺهيل آهي. هاڻي ته ڪنهن کي اهو ياد به نه رهيو آهي ته ڪنهن وقت عوام ۾ انقلابي سجاڳي پيدا ڪرڻ جي لاءِ عملي طور تي واهڻ واهڻ ۽ وستي وستي “هوشيار” ۽ “خبردار” جا هوڪا ڏنا ويندا هئا. پر پنهنجي دور جو هن مهل تائين سار ۾ سانڍيل اهو سياسي نظم گهٽ ۾ گهٽ اهو پتو ضرور ڏئي ٿو ته، “اليڪشنن کي ووٽن جو واپار بڻائڻ وارو ڌنڌو نئون ناهي” پر هن وقت جيڪا هن ڪڌي ڪاروبار ترقي ڪئي آهي، ان جو ڪو تصور به ڪري نه ٿو سگهي.

هن دور ۾ سياست مڪمل طور تي هڪ بزنس بڻجي چڪي آهي. اهڙي بزنس، جنهن ۾ ڪنهن به عوامي جذبي ۽ انقلابي احساس جي ڪا گنجائش نه رهي آهي. ان ڪري ويندڙ حڪومت جي حڪمرانن ۽ انهن جي وزيرن مشيرن ۽ واٺن کي ڪو فڪر ئي ناهي ته ايندڙ دور ۾ اقتدار جون واڳون ڪنهن وٽ هونديون؟ سڀني کي اهو يقين آهي ته ساڳيا فنڪار، ساڳيا بينڊ باجا وڄائي ووٽ وٺي ويندا. جيتوڻيڪ انهن کي معلوم آهي ته کين اهڙن جلسن ۽ اهڙين ڪارنر ميٽنگن جي قطعي ضرورت ناهي، ڇو ته چونڊن ۾ هيٺ کان وٺي مٿي تائين صرف ۽ صرف پئسو هلندو. يعني ڪنهن اميدوار وٽ جيڪڏهن “پارٽي فنڊ” جي نالي ۾ ايترا ڏوڪڙ آهن جو هو مخالف کان وڌيڪ قيادت جا کيسا ڀري سگهي ته هن کي ٽڪيٽ جي سلسلي ۾ گهٻرائڻ جا ڪا ضرورت ناهي. جڏهن ته ٽڪيٽ ملڻ کان پوءِ ووٽ خريد ڪرڻ جو ڪم به ان اميدوار جو ئي هوندو، جنهن کي جديد دور ۾ اليڪٽبل (Electable) ڪوٺيو ويندو آهي. هي اهو دور ناهي، جنهن دور ۾ پاپولر پارٽيون چونديون هيون ته جيڪڏهن اهي ڪنهن بجليءَ جي پول کي به پنهنجي پارٽي ٽڪيٽ ڏينديون ته مخالف اميدوار جي ڀيٽ ۾ هن جي فتح اڻٽر آهي.

سنڌ ۾ ڪڏهن ان قسم جي دعويٰ ڪندڙ سياسي ڌر اها پيپلز پارٽي هئي، جيڪا ڪشمور کان وٺي ڪشمير تائين عوام جي دلين تي اعتبار ۽ پيار جي حوالي سان راڄ ڪندي هئي پر پيپلز پارٽيءَ جهڙي سگهاري سياسي ڌر جهڙي ريت ڪمزور ٿيندي ۽ مسلسل گهٽبي، نديءَ مان نالي بڻجي وئي، ان بعد اهو غرور ۽ اهو تڪبر جنهن ليڊر جي چوڌاري چمڪيو، اڄ ان جو نالو کڻڻ ڪجهه مشڪل به بڻجي ويو آهي پر ان جي نالي کڻڻ جي هن مهل ضرورت به ڪهڙي آهي؟

اردوءَ جي هڪ شاعر ڪيترو نه ڪمال جو شعر لکيو آهي ته:

“مين اس ڪا نام نه لون، ڦر ڀي لوگ پهچانين،

ڪه تعارف آپ هي اپنا، هوا بهار ڪي هي”

جڏهن ته بقول فراز اسان صرف بهار تي اهڙو الزام هڻي نه ٿا سگهون. ڇو ته خزان جي هوا به ته پنهنجو تعارف پاڻ هوندي آهي. اها هوا، جنهن جي هلڻ سان وڻن جا پن ڇڻ ڇڻ ڪندا پٽ تي وڄندڙ پايل بڻجي وڃن، اها خزان جي هوا، اها سرءُ جي موسم به ته پنهنجو تعارف پاڻ هوندي آهي. پاڪستان جو اهو مغرور سياستدان، جيڪو اقتدار مان آئوٽ ٿيڻ کان پوءِ پاڻ کي عام ليڊر کان وڌيڪ سمجهڻ لڳو هو، اڄ هن جي لهجي ۽ هن جي لفظن ۾ للڪار بدران جيڪا هار جي پڪار پيدا ٿي وئي آهي، اهڙي صدا ته صرف فقير ئي هڻندا آهن.

بس! ان وقت جو ئي ته انتظار هو، ملڪ جي انهن سياسي واپارين کي، جيڪي هن مهل اقتدار مان آئوٽ (Out) ٿيندي به مڪمل طور تي ان (In) محسوس ٿي رهيا آهن. جڏهن ته قاسم جو ابو ڪنهن گوري صحافيءَ پاران پڇيل سوال جي جواب ۾ اهو چوندي ٻڌو وڃي ٿو ته “مون کي اها پڪ ناهي ته منهنجي نااهل ٿيڻ جي صورت ۾ منهنجي پارٽيءَ کي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت حاصل هوندي يا نه….!!”

ان ڪيفيت کي ان سنڌي بيت جي صورت ۾ ڪيتري نه سر سان جهونگاري سگهجي ٿو ته:

“اڳي ائين هياس، جو پنهونءَ ڌوتم ڪپڙا،

هاڻي ائين ٿياس، جو جت نه نِينم پاڻ سين.”

ملڪ ۾ ان قسم جو ماحول پيدا ٿيڻ جو سڀ کان وڌيڪ فائدو ان ڌر کي پهچي ٿو، جنهن جي مرضيءَ کان سواءِ پاڪستان جي سياسي چمن جو ڪو پن به چري پري نه ٿو سگهي. هن مهل جڏهن بقول جيڪب آباد جي هڪ جيالي جي ته، “ڀير تي ڏونڪو لڳي چڪو آهي”، جڏهن چونڊن آفيشل کان اڳ ئي عملي اعلان ٿي چڪو آهي ته ان وقت ملڪ جي گڏيل گورنمينٽ جي ٻن وڏين ڀائيوار ڌرين جي وچ ۾ ٻيو ڪو خاص تڪرار ناهي، سواءِ ان جي ته اسيمبليون ٽوڙجن يا تحليل ٿيڻ ڏجن؟ ان اختلاف جي وچ واري تڪرار جو مدو به ته هڪ مهينو آهي. پر هن ڀيري پيپلز پارٽي پنجاب ۾ پيدا ٿيل سياسي خال مان پنهنجي لاءِ ڪجهه وڌيڪ مال ميڙڻ جي جيڪا خواهش رکي هئي، ان کي ‘ن’ ليگ جي ان فيصلي ختم ڪري ڇڏيو آهي ته ميان نواز شريف جي نالي واري مسلم ليگ هن ڀيري به چونڊن ۾ اڪيلي سر لهندي. جڏهن ته پنهنجي اتحادي جماعت جي گهڻي گوڙ ڪرڻ تي هن وقت اها ڌمڪي به تيار رکي آهي ته پيپلز پارٽيءَ پاران جيڪڏهن پنجاب ۾ اجايو ٻائيتال مچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته پوءِ مسلم ليگ (ن) کي هن ڀيري ان سنڌ ۾ داخل ٿيڻ کان ڪو به روڪي نه ٿو سگهي، جيڪا وڏي وقت کان وٺي مسلم ليگ (ن) جي لاءِ پاڻ مرادي “نوگو ايريا” قرار ڏنل آهي. جڏهن ته ان سلسلي ۾ مسلم ليگ (ن) جا سنڌي اڳواڻ تمام گهڻيون رڙيون ڪوڪون ڪري ماٺ ٿي ويا آهن پر هن ڀيري وري پيپلز پارٽيءَ کي پنهنجي حد ۾ رکڻ لاءِ ميان صاحب ۽ مريم نواز جي سنڌي سپاهين کي اسلام آباد گهرايو وڃي ٿو ۽ انهن کان نالي ماتر ئي سهي پر صلاحون ۽ مشورا ڪيا وڃن ٿا ته ڇا سنڌ ۾ مسلم ليگ (ن) جي لاءِ سوڀ حاصل ڪرڻ جو ميدان موجود آهي؟

سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچيءَ ۾ ته مسلم ليگ (ن) کي چونڊ وڙهڻ کان ڪير به روڪي نه ٿو سگهي. ڀلي ان سلسلي ۾ ايم ڪيو ايم (پ) پنهنجي احتجاج کي پنڊيءَ تائين کڻي وڃي. ڇو ته پي ٽي آءِ جي ٽوڙ ڦوڙ سبب ڪراچيءَ ۾ جيڪو اسپيس پيدا ٿيو آهي، ان کي حاصل ڪرڻ کي هر ڌر پنهنجو حق سمجهي ٿي. مسلم ليگ (ن) جو اهو خيال آهي ته اها ڪراچيءَ مان ڪجهه نه ڪجهه سيٽون ڪڍي ويندي. جڏهن مخصوص صورتحال سبب ڪراچيءَ کي پنهنجو آدي بنيادي سياسي ڳڙهه سمجهڻ واري ايم ڪيو ايم پنهنجي تنظيمي وجود ۾ “متحد” نه هجڻ سبب هن مهل به ان خوف جو شڪار آهي ته هن کي ان شهر ۾ تاريخي شڪست ملي سگهي ٿي، جنهن شهر کي هلائڻ لاءِ انهن جو هڪ اشارو ئي ڪافي هوندو هو.

پاڪستان جي سياست ۾ عروج ۽ زوال جا سبب صرف سياسي نوعيت جا نه هوندا آهن. انهن ۾ ٻيا به گهڻا فيڪٽر فرق پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، پر هن ڀيري به ملڪ جي اهم ۽ اليڪشن وڙهڻ جي اجازت حاصل ٿيل پارٽين کي پريشاني آهي ته هو نالي ماتر ئي سهي پر ايندڙ چونڊن ۾ ڪهڙي ايجنڊا کي عوام جي آڏو پيش ڪن؟ مسلم ليگ (ن) کي معلوم آهي ته هن جي حڪومت ويندي ويندي پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت کي نالي ماتر گهٽ ڪرڻ جي صورت ۾ گهڻا ووٽ حاصل ڪري نه ٿي سگهي. جڏهن ته پيپلز پارٽي پنهنجي نڪ جي پوري پڪائيءَ سان سنڌ ۾ ڪيل حڪمرانيءَ کي پاڪستان جي ٻين صوبن ۾ فخر سان پيش ڪري رهي آهي ۽ چئي رهي آهي ته اها ٻين صوبن جي عوام جي به اهڙي خدمت ڪندي، جهڙي هن سنڌ جي عوام جي ڪئي آهي. جڏهن ته سوشل ميڊيا تي ان قسم جي دعويٰ تي اهو ردعمل پيش ٿي رهيو آهي ته، “پيپلز پارٽي صرف اهو ٻڌائي ته ان قسم جو بيان پاڪستان جي ٻين صوبن جي لاءِ دلاسو آهي يا ڌمڪي؟“ ممڪن آهي ته هن ڀيري پيپلز پارٽيءَ کي ٻين صوبن مان ٿورو ئي سهي پر ووٽن جو ذرو پرزو ملي پوي پر جيڪڏهن هن جو هاڻي به ان ڀيري وارو حال ٿئي ٿو، يعني هن کي ٻين صوبن مان ناميارا ته ڇا پر نالي ماتر به اميدوار نه ٿا ملن، تڏهن ته سنڌ ۾ سوڀ حاصل ڪرڻ جي ته انهن کي ستي به پڪ آهي. سنڌ ۾ ڪامياب ٿيڻ لاءِ انهن کي جاڳي جاکوڙڻ جي به ڪا ضرورت ناهي. سنڌ ۾ پيپلز پارٽي کي 15 سالن جي من مانيءَ واري حڪمراني ڪرڻ ۽ ڪرپشن جا عظيم مينار تعمير ڪرڻ جي باوجود به جيڪڏهن مات ٿيڻ جو ڪو خوف ۽ خدشو ناهي ته ڇا ان صورتحال تي سنڌ جي عوام کي به جديد دور جي امير جيالن جيان خوش ٿيڻ گهرجي؟

اها سنڌ جيڪا ڪڏهن سياسي طور تي سرڪش هئي. اها سنڌ جيڪا ڪڏهن ملڪي جمهوريت جي عملي ۽ عوامي تحريڪ جي سرواڻ هئي. اها سنڌ جنهن ۾ صرف نعرا ۽ نغما نه پر هڪ ڀرپور سياسي شعور هو، ان سنڌ جي حالت ايتري ته هيڻي ٿي وئي آهي، جو ان مٿان بدترين حڪمراني ڪندڙ ڌر کي به بهترين حڪمرانيءَ جي هام هڻي هڪ ڀيرو ٻيهر اقتدار حاصل ڪرڻ جو يقين آهي. اهڙو يقين ملڪ جي ٻي ڪنهن صوبي ۾ ٻي ڪنهن پارٽيءَ کي ڪونهي. ڇا ان سلسلي ۾ سنڌ جي حوالي سان اهو سادو سوال پڇڻ جي اجازت جمهوري آزادين ۾ شامل آهي؟ ڇا سنڌ جي سياسي ماضيءَ ۽ سياسي حال جي وچ ۾ موجود ان تضاد واري وٿيءَ مان انهن سوالي لفظن جي ليئو پائڻ جي اجازت حاصل آهي ته، “سنڌ جي سياسي سمجهه ۽ سرڪشي جو اهڙو زوالي انت ڪيئن آيو؟”

Leave A Comment