ملڪ جي پاڻي گذرگاهن تي 560 حددخليون برقرار: بلوچستان جا انگ اکر غائب هجڻ جو انڪشاف

ملڪ جي پاڻي گذرگاهن تي 560 حددخليون برقرار: بلوچستان جا انگ اکر غائب هجڻ جو انڪشاف

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ملڪ اندر آبي گذار گاهن تي حددخلين جي سنگين صورتحال سامهون اچي وئي. فيصلن جي باوجود حددخليون ختم نه ٿي سگهيون. پاڪستان ۾ هن وقت تائين آبي گذر گاهن تي مجموعي طور 560 حددخليون برقرار آهن. ذريعن مطاب پنجاب ۾ 2708 حددخليون رپورٽ ٿيون، جن مان 2557 ختم ڪيون ويون، جڏهن ته 151 اڃا باقي آهن. پنجاب ۾ حددخلين خلاف آپريشنز جي ڪاميابي جو تناسب 95 سيڪڙو کان وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي. ان جي ابتڙ سنڌ ۾ صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي، جتي 164 مان صرف 4 آبي گذرگاهون بحال ٿي سگهيون آهن، جڏهن ته 158 تي حددخليون هن وقت تائين برقرار آهن. اهڙي ريت خيبرپختونخوا ۾ به 377 مان 251 آبي گذرگاهن تان حددخليون ختم نه ٿي سگهيون آهن. بلوچستان بابت دستاويزن ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته آبي گذرگاهن تي تجاوزات بابت ڪو مستند انگ اکر موجود ناهي، جنهن سبب شفافيت ۽ اثرائتي حڪمت عملي تي سوال اُٿي رهيا آهن.