ملڪ جي پهرين عورت وزيراعظم شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي اڄ 18هين ورسي: ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ جلسو 

ملڪ جي پهرين عورت وزيراعظم شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي اڄ 18هين ورسي: ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ جلسو 

لاڙڪاڻو (رپورٽ: نادر ابڙو+ نور محمد سومرو) ملڪ جي پهرين عورت وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 18 هين ورسي اڄ ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي. ورسي تقريب ۾ پ پ  چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، صدر پاڪستان آصف علي زرداري،سندس نياڻي خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري، پيپلز پارٽي ليڊيز ونگ جي مرڪزي صدر ايم پي اي فريال ٽالپر، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، بلوچستان جو وڏو وزير سرفراز بگٽي، گورنر ڪي پي ڪي فيصل ڪريم ڪنڊي، گورنر پنجاب سردار سليم حيدر خان، اسپيڪر سينيٽ ۽ اڳوڻو وزيراعظم يوسف رضا گيلاني، اڳوڻو وزيراعظم راجا پرويز اشرف، پيپلز پارٽي سنڌ جو صدر نثار احمد کهڙو، ايم پي اي جميل احمد سومرو، ايم پي اي سهيل انور سيال سميت پيپلز پارٽي جا مرڪزي توڙي صوبائي اڳواڻ شرڪت ڪري شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي سندس 18 هين ورسي جي موقعي تي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ شهيدن جي مزار تي حاضري ڀري گلن جون چادرون چاڙهي فاتح خواني پڻ ڪندا، ورسي جي موقعي تي پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان ڳڙهي خدابخش ڀٽو تي سياسي پاور شو جو مظاهرو ڪري وڏو جلسي عام ڪوٺايو ويو آهي جنهن کي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، صدر پاڪستان آصف علي زرداري، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه سميت پارٽيءَ جا مرڪزي ۽ صوبائي اڳواڻ خطاب ڪندا. جلسي لاءِ ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ شهيدن جي مزارن ٻاهريان 60 فوٽ وڏو اسٽيج ٺاهيو ويو آهي. جڏهن ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 18 هين ورسي ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ کان پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن جي آمد جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. هوڏانهن شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 18 هين ورسي جي شروعات صبح جي وقت قرآن خواني سان ڪئي ويندي بعد ۾ منجهند ڌاري پيپلز ڪلچرل ونگ طرفان شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي سندس ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ مشاعرو ڪوٺايو ويندو. جنهن ۾ ملڪ جا ناليوارا شاعر پنهنجي شاعري جي ذريعي شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي ڀيٽا پيش ڪندا. ورسي جي موقعي تي سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪندي سيڪيورٽيءَ لاءِ 8500 پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو. ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ 200 کان وڌيڪ سي سي ٽي وي ڪئمرائون، 80 کان وڌيڪ واڪ ٿرو گيٽس ۽ ميٽلڊ ڊڪيٽر لڳائي بم ڊسپوزل عملي کي پڻ الرٽ رکيو ويو آهي. هوڏانهن گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار ايس ايس پي آفيس ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 18هين ورسي جي موقعي تي سيڪيورٽي اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب، ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد فيصل چوڌري سميت ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي.