ملڪ رياض جي ذاتي حويلي علي ولاسيل: بحريا ٽائون 2 جي 3150 ايڪڙن تان قبضو خالي  

ملڪ رياض جي ذاتي حويلي علي ولاسيل: بحريا ٽائون 2 جي 3150 ايڪڙن تان قبضو خالي  

ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) ڊي جي نيب جي حڪمن تي عمل، ملڪ رياض جي ذاتي حويلي علي ولا سيل، بحريه ٽائون 2 جي زمين جو قبضو ورتو ويو. ان ڏس ۾ نيب اختيارين موجب ڊي جي نيب جي حڪمن تحت ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو ٻيلي کاتي جي ڪنزرويٽر ۽  پوليس نفري ساڻ ڪري ٿاڻي بولا خان جي ديهه مول ۾  بحريه ٽائون 2 جي 3150 ايڪڙ زمين جو قبضو ورتو، جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر ملير پڻ هڪ ٻئي فريزنگ آرڊر تي عمل ڪندي “علي ولا” کي سيل ڪري ڇڏيو. واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ نيب ملڪ رياض جي ذاتي رهائش لاءِ تعمير ڪيل عاليشان حويلي، جيڪا سندس پٽ علي رياض ملڪ جي نالي سان “علي ولا” طور بحريا هلز بحريا ٽائون ڪراچي ۾ اڏيل آهي، کي منجمد ڪري ڇڏيو هو. اها  حويلي 67 ايڪڙ ايراضيءَ تي مشتمل آهي. علي ولا ۾ هيلي پيڊ، مني چڙيا گهر، سوئمنگ پولز ۽ ٻيون آسائشون شامل آهن. نيب  ٻن نون انڪوائرين ۾ 1338 ايڪڙ زمين پڻ منجمد ڪري ڇڏي، جنهن بابت الزام آهي ته اها بحريا ٽائون ڪراچي طرفان غيرقانوني طور قبضي هيٺ آندي وئي، انهي زمين تي بحريا گرينز ۽ مختلف پريسنڪٽس 33، 34، 38 کان 40، 42 ۽ 61 وغيره تعمير ٿيڻا هئا،  نيب پاران اها زمين سنڌ حڪومت جي ملڪيت ٻڌائي وڃي ٿي. ساڳي ريت نيب بحريا ٽائون 2 جي 3150 ايڪڙ زمين به منجمد ڪري ڇڏي آهي، جيڪا ميسرز Paradise Real Estate (Pvt.) Limited پاران دوکي سان خريد ڪئي وئي هئي.