| ملڪ ڏنڊي سان هلي نٿو سگهي، ادارن جو اجلاس ڪوٺايو: مولانا فضل به گڏبو: اچڪزئي |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جو وفد قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر محمود خان اچڪزئي جي قيادت ۾ ڪراچي پھتو ـ وفد ۾ علامه راجا ناصر عباس ۽ اڳوڻو اسپيڪر اسد قيصر ۽ ٻيا شامل ھئا اڳواڻن سنڌ اسمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج دراني جي رھائشگاھ تي پھچي سندس پٽ ايم پي اي شھباز دراني سان تعزيت ڪئي ـ بعد ۾ اڳواڻن پ پ اڳواڻ خورشيد شاھ جي رھائشگاھ تي پھچي سندس عيادت ڪئي، ان موقعي تي اپوزيشن ليڊر محمود خان اچڪزئي چيو ته بدقسمتي سان اين آر او آسمان مان ڪري پيو، 9 هزار ڪيس ختم ڪيا ويا، اسان کي برباديءَ خلاف روڊن تي نڪرڻو پوندو، مولانا فضل الرحمان به تحريڪ ۾ شامل ٿيندو. هن چيوته پاڪستان لٺين سان نٿو هلي سگهي، پشتونخوا جي خاموشي کي بزدلي نه سمجهيو وڃي وينزويلا ۾ جيڪي حالتون ٿيون، سي سڀني ڏٺيون، هتي پارليامينٽ جو اجلاس فوري سڏايو وڃي، سڀني ادارن جو گڏيل اجلاس گهرايو وڃي، اچو ته اجتماعي دانش سان ملڪ کي بحران مان ڪڍجي، راجا ناصر عباس چيو ته ملڪ سياسي ۽ معاشي بحران جو شڪار آهي، سڀني ماڻهن کي گڏ ٿيڻ گهرجي عام چونڊون شفاف ٿيڻ گهرجن