ملڪ کي حقيقي جمهوري نظام تحت هلائڻ جي ضرورت آهي: قادر مگسي

  ملڪ کي حقيقي جمهوري نظام تحت هلائڻ جي ضرورت آهي: قادر مگسي

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ ترقي پسند پارٽي ميرپورخاص ڊويزن جو تنظيمي اجلاس پارٽي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ميرپورخاص ڊويزن سان لاڳاپيل ضلعن مٺي، عمرڪوٽ ۽ ميرپورخاص جي ضلعي اڳواڻن سميت سوشل ميڊيا ٽيم جي ميمبرن شرڪت ڪئي.اجلاس کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته ملڪ کي ڪنهن فردِ واحد جي مرضي بدران حقيقي جمهوري نظام تحت هلائڻ جي ضرورت آهي، جتي پارليامينٽ جي بالادستي هجي. هن چيو ته پاڪستان هڪ گهڻ قومي فيڊريشن آهي، جنهن ۾ شامل سنڌ، بلوچستان، خيبر پختونخواهه ۽ پنجاب پنهنجي الڳ الڳ تاريخي مادر وطن، تهذيب، ثقافت ۽ ٻولي رکن ٿا، تنهنڪري فيڊريشن جي مضبوطي ۽ ملڪي سالميت لاءِ سڀني قومن ۽ تاريخي وطنن کي برابري جي بنياد تي حق ملڻ گهرجن.ڊاڪٽر قادر مگسي وڌيڪ چيو ته سنڌ هڪ باوقار، آزاد ۽ خودمختيار رياست رهي آهي، جنهن دنيا کي تهذيب سيکاري. الله تعاليٰ سنڌ کي هر نعمت سان مالامال ڪيو آهي، پر افسوس جو اڄ هن شاهوڪار ڌرتي جا وارث ماني جي هڪ ڳڀي لاءِ پريشان آهن ۽ عوام بنيادي سهولتن کان محروم آهي. هن اعلان ڪيو ته 14 فيبروري 2026ع تي هٽڙي بائي پاس تي لکين سنڌين جو تاريخي جلسو منعقد ڪيو ويندو، جنهن ۾ سنڌ جا پٽ ۽ ڌيئرون سنڌ سان عهدِ وفا جو وچن ورجائيندا.