ملڪ ۽ عوام جي قسمت تبديل ڪنداسين: آصفه ڀٽو

جنوري 29, 2024

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پ پ اڳواڻ آصفه ڀٽو چيو آهي ته پنهنجن ڀينرن ۽ ڀائرن جي حقن لاءِ سدائين وڙهندا رهنداسين، ڪراچي جي لياري ۽ ٻين علائقن ۾ چونڊ مھم جي سلسلي ۾ نڪتل ريلين کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسان ڪراچي ۾ صحت جون سهولتون ڏنيون، پيپلز بس ۽ عورتن لاءِ پنڪ بس سروس شروع ڪئي، هن چيو ته اسان جو منشور عوام دوست آهي، اسان گڏجي ملڪ جي قسمت تبديل ڪنداسين، 8 فيبروري تي تير تي ٺپو هڻو، هاڻ بلاول ۽ آئون توهان جو آواز آهيون. انهي کان اڳ لياري پهچڻ تي آصفه ڀٽو زرداري جي شاندار آجيان ڪئي وئي، جيالن پ پ جي حق ۾ نعريبازي ڪئي. آصفه ڀٽو پڻ وزيراعظم بلاول جا نعرا ھڻندي رھي.

Leave A Comment