ملڪ ۾غير قانوني طور ترسيل پرڏيهين خلاف ڪارروائيون تيز ڪرڻ جو فيصلو

مَي 31, 2025

اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) ملڪ ۾غير قانوني طور تي رهندڙ پرڏيهين خلاف ڪارروائي تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ڪائونٽر ٽيررازم ڪميٽي ۽ هارڊن دي اسٽيٽ ڪميٽي جو ٽيون اجلاس وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي صدارت ۾ منعقد ٿيو.

اجلاس ۾ غير قانوني طور تي رهائش پذير پرڏيهين خلاف ڪارروائي تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

اجلاس ۾ ڳالهائيندي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته نادرا ايگزٽ پوائنٽس تي لائيو ڊيٽا تصديق جي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي ۽ سڀني ادارن کي ون ڊاڪيومينٽ سسٽم کي مڪمل طور تي لاڳو ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.

هن چيو ته ملڪ مان غير قانوني اسپيڪٽرم جي خاتمي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي ادارن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.

محسن نقوي هدايت ڪئي ته پينو فقير مافيا ملڪ جي بدنامي ڪري رهي آهي، انهن سان سختي سان پيش اچڻ گهرجي ۽ پينو فقير کي ناقابل ضمانت جرم قرار ڏيڻ ضروري آهي.

هن وڌيڪ چيو ته اهي بجلي چوري کي روڪڻ لاءِ توانائي واري وزارت ۽ صوبائي حڪومتن کي تعاون فراهم ڪري رهيا آهن.

اجلاس کي بريفنگ ڏني وئي ته روزانو 250 کان وڌيڪ ڳجها آپريشن ڪيا پيا وڃن ۽ گهرو وزارت ۽ صوبائي حڪومتن جي تعاون سان 142 ارب رپين جي وصولي ممڪن آهي.

بيان موجب اجلاس ۾ حددخلين خلاف ڪارروائين ۽ پورٽ اٿارٽي جي قيام تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ گوادر سيف سٽي منصوبي ۽ حفاظتي ڀت تي پيش رفت تي پڻ غور ڪيو ويو.

لاڳاپيل پوسٽون

  • ايران جو اسرائيل تي ڏهون وڏو حملو

  • ايران جو صبح سوير اسرائيل تي وڏو حملو ، 100 کان وڌيڪ ميزائل فائر، 14 اسرائيلي مارجي ويا ۽ 380 زخمي ٿيا

  • ساڍا 4 سئو پاڪستاني وطن واپس

  • ايران جو وڏو جواب، اسرائيل مٿان 50 ميزائل فائر