ملڪ ۾ آئيس جي استعمال سبب طلاق، قتل ۽ خودڪشي جا واقعا وڌيا آهن: اسٽينڊنگ ڪاميٽي

ملڪ ۾ آئيس جي استعمال سبب طلاق، قتل ۽ خودڪشي جا واقعا وڌيا آهن: اسٽينڊنگ ڪاميٽي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي انساني حقن بابت اسٽيڊنگ ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ عورتن ۾ منشيات جي وڌندڙ استعمال ۽ سوشل ميڊيا تي حراسمينٽ وارن واقعن تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو. اجلاس جي صدارت ڪندي ڪميٽيءَ جي چيئرپرسن نوشين افتخار چيو ته پاڪستان ۾ آئس جهڙي منشيات جي استعمال سبب طلاق، قتل ۽ خودڪشي جي واقعن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. ڪميٽي ميمبر آسيا ناز تنولي انڪشاف ڪيو ته اڇي رنگ جي چاڪليٽ جهڙي منشيات نينگرين ۾ استعمال ٿي رهي آهي، ۽ هن معاملي بابت ثبوت فراهم ڪرڻ لاءِ به تيار آهيون. جنهن تي ڪميٽي منشيات واري معاملي تي الڳ اجلاس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو. سوشل ميڊيا تي حراسمينٽ بابت ڪميٽي ميمبر ناز بلوچ چيو ته عورتن کي خطرناڪ ايپليڪيشنز تائين آساني سان رسائي حاصل آهي، سائبر ڪرائم ونگ گهڻن ڪيسن کي سنڀالڻ جي سگهه نٿو رکي. هن چيو ته عورتون رپورٽ داخل ڪرائڻ کان ڊڄن ٿيون ۽ ڪيترائي ڪيس ڇهن مهينن کانپوءِ بند ڪيا وڃن ٿا. ڪميٽيءَ جي چيئرپرسن چيو ته ڪڏهن ڪڏهن ايف آءِ اي جا اهلڪار شڪايت ڪندڙ جي معلومات جوابدارن تائين پهچائي ڇڏين ٿا ۽ ثبوت طور ورتل موبائل فون به غائب ٿي وڃن ٿا. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سوشل ميڊيا تي حراسمينٽ ۽ سائبر ڪرائم جي معاملن تي ويمن ڪاڪس جو خصوصي اجلاس گهرايو ويندو، ميٽا سان به رابطو ڪيو ويندو. ڪميٽي اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري سينئر سٽيزنز ترميمي بل 2025 اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو، پاڪستان ڪلائيميٽ ريفيوجيز رائٽس اينڊ پروٽيڪشن بل 2024 ملتوي ڪيو ويو.