ملڪ ۾ انٽرنيٽ سروس اڻڄاتل مدي تائين بند رهندي: پي ٽي اي
مَي 10, 2023
اسلام آباد(بيو رو رپورٽ) پاڪستان ٽيليڪميونيڪيشن اٿارٽي چيو آهي ته ملڪ ۾ انٽرنيٽ سروس اڻڄاتل مدي تائين بند رهندي، انٽرنيٽ سروس وفاقي گهرو کاتي جي درخواست تي معطل ڪئي وئي آهي. پِي ٽِي اَي اختيارين جو چوڻ آهي ته انٽرنيٽ سروس جي بندش اڻڄاتل مدي تائين آهي، عمران خان جي گرفتاريءَ کانپوءِ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ انٽرنيٽ سروس مڪمل طور بند آهي، ٻئي طرف يو ٽيوب، فيس بوڪ ۽ ٽويٽر استعمال ڪندڙ صارفين سخت پريشان آهن.