ملڪ ۾ ايل اين جي ختم، 14 اپريل بعد راهمي بند: پيٽرول 27 ڏينهن، ڊيزل 21 ڏينهن ۽ ڪچو تيل 11 ڏينهن هلندو: وفاقي سرڪار

ملڪ ۾ ايل اين جي ختم، 14 اپريل بعد راهمي بند: پيٽرول 27 ڏينهن، ڊيزل 21 ڏينهن ۽ ڪچو تيل 11 ڏينهن هلندو: وفاقي سرڪار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ خام تيل 11 ڏينهن، ڊيزل 21 ڏينهن، پيٽرول 27 ڏينهن، ايل پي جي 9 ڏينهن ۽ جي پي ون 14 ڏينهن لاءِ موجود آهي. سينيٽ پيٽروليم بابت اسٽيڊنگ ڪميٽيءَ کي ٻڌايو ويو آهي ته 14 اپريل کان پوءِ ملڪ ۾ ايل اين جي به موجود نه هوندي. گهريلو صارفين جي لاءِ گئس فراهمي وڌائڻ، جڏهن ته ڪمرشل سيڪٽر، پراسيس انڊسٽري ۽ ڪيپٽو پاور پلانٽس کي گئس فراهم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. سينيٽر منظور احمد جي صدارت هيٺ پيٽروليم بابت سينيٽ جي اسٽيڊنگ ڪميٽيءَ جو اجلاس منقعد ٿيو. اجلاس ۾ مشرق وسطي جي ڇڪتاڻ سبب تيل ۽ گئس جي فراهمي تي پوندڙ اثرن جو جائزو ورتو ويو. سيڪريٽري پيٽروليم بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته پاڪستان کي 70 سيڪڙو پيٽروليم شيون مشرق وسطي مان ملن ٿيون ۽ موجوده ڇڪتاڻ سبب جهازن جي آمدرفت متاثر ٿي آهي. سيڪريٽري پيٽروليم مطابق هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 88 ڊالر مان وڌي 187 ڊالر ٿي وئي آهي، جڏهن ته پيٽرول جي قيمت 74 ڊالر مان وڌي 130 ڊالر تائين پهچي وئي آهي. آبنائي هرمز ذريعي تيل عام طور تي چار کان پنج ڏينهن ۾ پاڪستان پهچي ويندو آهي، جڏهن ته ريڊ سي رستي تيل گهرائڻ ۾ هاڻي لڳ ڀڳ 12 ڏينهن لڳي رهيا آهن. پيٽروليم وزارت جي سيڪريٽري ڪميٽيءَ کي ٻڌايو ته جنگ کان اڳ خام تيل جي قيمت 72 ڊالر في بيرل هئي، جيڪا جنگ جي ٻئي ڏينهن 88 ڊالر ٿي وئي ۽ هن وقت 115 ڊالر في بيرل تائين پهچي چڪي آهي. ايران سان آبنائي هرمز ذريعي تيل گذارڻ جي اجازت لاءِ ڳالهيون جاري آهن ۽ اجازت ملڻ جي صورت ۾ چار پاڪستاني جهاز تيل کڻي اچي سگهن ٿا. سيڪريٽري پيٽروليم ٻڌايو ته قطر مان گئس جي فراهمي مڪمل طور تي معطل ٿي چڪي آهي. مارچ مهيني ۾ اٺ گئس ڪارگو مان صرف ٻه پاڪستان پهتا، جڏهن ته جنگ سبب ڇهه ڪارگو نه اچي سگهيا. اپريل ۾ به متوقع ڇهه ڪارگو مان ٽن جي نه اچڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي، موجوده صورتحال برقرار رهي ته 14 اپريل کان پوءِ ملڪ ۾ ايل اين جي دستياب نه رهندي. مقامي سطح تي گئس جي پيداوار وڌائي وئي آهي، گهريلو صارفين لاءِ گئس جي فراهمي وڌائڻ ۽ ڪمرشل سيڪٽر، پراسيس انڊسٽري ۽ ڪيپٽو پاور پلانٽن لاءِ گئس جي فراهمي گهٽائڻ جي تجويز تي غور ڪيو پيو وڃي. ڪميٽي کي آگاهه ڪيو ويو ته حڪومت ڪفائت شعاري پاليسي مان بچندڙ 23 ارب رپيا موٽر سائيڪل ۽ رڪشا رکندڙن کي سبسڊي طور ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اختيارين موجب سبسڊي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ڊيٽا مطابق مستحق ماڻهن کي ڏني ويندي ۽ ان سلسلي ۾ اوگرا ۽ پيٽروليم ڊويزن ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪورونا دور وانگر 30 ملين ٻه ويلر ۽ ٽي ويلر گاڏين وارن کي سبسڊي فراهم ڪئي ويندي. ڪميٽي جي ميمبرن مطالبو ڪيو ته پيٽروليم تي وڌايل 55 رپين جو فائدو ڪمپنين بدران سڌي ريت عوام کي ڏنو وڃي. سينيٽر سعديه عباسي چيو ته دنيا جا ڪيترائي ملڪ روسي تيل خريد ڪري رهيا آهن، تنهنڪري پاڪستان کي به ان حوالي سان قدم کڻڻ گهرجن. جنهن تي سيڪريٽري پيٽروليم ٻڌايو ته حڪومت روس کان تيل خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، پر روس مان تيل گهرائڻ ۾ لڳ ڀڳ 30 ڏينهن لڳندا جنهن سبب لاڳت وڌي ويندي.