ملڪ ۾ ايندڙ 24 کان 48 ڪلاڪن دوران وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي

جُولاءِ 9, 2023

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ماحولياتي تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته پاڪستان ۾ ايندڙ 24 کان 48 ڪلاڪن دوران وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي

 سڀ کان وڌيڪ برسات پنجاب جي شهرن لاهور، نارووال ۽ سيالڪوٽ ۾ متوقع آهي. ڪالهه پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير چيو ته ٻين صوبن ۾ پڻ تيز برساتن سان گڏ وچولي درجي جي ٻوڏ لاءِ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي

 لينڊ سلائيڊنگ جي خطرن وارن شهرن ۽ ميونسپل علائقن لاءِ اربن فلڊنگ جو الرٽ جاري ڪيو ويو آهي. هن چيو ته جامع تياري ۽ فعال رد عمل زندگين کي بچائي سگهي ٿو

 ان لاءِ متاثر علائقن ۾ سموريون ريسپانس ٽيمون، عوامي ۽ اين جي اوز ٻنهي کي چوڪس رهڻ جي ضرورت آهي.

Leave A Comment