ملڪ ۾ اٽي ۽ کنڊ جو بي سبب بحران

ملڪ ۾ مهانگائي تيزيءَ سان وڌي رهي آهي، جنھن جي ڪري غريب ۽ وچولي طبقي لاءِ جسم ۽ روح جو رشتو برقرار رکڻ به مشڪل بڻجي ويو آھي. ماڻھن جي عام واھپي جي ضروري اسمن تائين رسائي گھٽجي وئي آھي. حڪومت وٽ مھانگائي کي ڪنٽرول جو ڪوبه طريقيڪار موجود نه آھي. ھن وقت به ملڪ ۾ اٽي ۽ کنڊ جون قيمتون وڌي ويون آهن. بحرانن جو سلسلو آھي، جيڪو پڄاڻيءَ تي پھچندي نظر نٿو اچي. پاڪستان اهڙو ملڪ بڻجي ويو آهي، جيڪو خودڪفالت جي دعويٰ ته ڪري ٿو، پر اها خودڪفالت خوشحالي يا استحڪام ۾ نه، پر بحرانن ۾ نظر اچي ٿي. هتي بحران ڪنهن هڪ شعبي تائين محدود ناهن، بلڪه هڪ کان پوءِ ٻيو بحران اهڙي ترتيب سان اچي ٿو، جو عام ماڻهوءَ کي ساهه کڻڻ جي به فرصت نٿي ملي. ڪڏهن توانائي جو بحران، ڪڏهن پاڻيءَ جو، ڪڏهن دوائن جو، ته ڪڏهن اٽي ۽ کنڊ جهڙين بنيادي شين جو بحران پيدا ڪيو وڃي ٿو. سوال اهو آهي ته آخر اهي بحران ڇو ۽ ڪيئن پيدا ٿين ٿا؟ حقيقت اها آهي ته پاڪستان ۾ پيدا ٿيندڙ تقريباً هر بحران، پنهنجي نوعيت ۾ حڪمراني جو بحران آهي. ناقص پاليسيون، ڪمزور ادارا، ذميواريءَ جي کوٽ ۽ طاقتور طبقن کي کليل ڇوٽ، اهي سڀ عنصر گڏجي بحرانن کي جنم ڏين ٿا. اڪثر ڏٺو ويو آهي ته ملڪ وٽ وسيلا موجود هوندي به مصنوعي کوٽ پيدا ڪئي وڃي ٿي، جنهن جو سڌو سنئون اثر عوام تي پوي ٿو. اهي بحران گهڻو ڪري ڪنهن حقيقي سبب کان سواءِ پيدا ٿين ٿا. مثال طور، پاڪستان زرعي ملڪ آهي، جتي ڪڻڪ ۽ ڪمند وڏي پيماني تي پوکيا وڃن ٿا. ان هوندي به اٽي ۽ کنڊ جو بحران پيدا ٿيڻ هڪ وڏو سوال آهي. جيڪڏهن پيداوار موجود آهي ته پوءِ مارڪيٽ ۾ کوٽ ڇو؟ جواب صاف آهي: خراب انتظام، ذخيره اندوزي ۽ مافيائن جي سرپرستي.

ھن وقت ملڪ هڪ ڀيرو ٻيهر اٽي ۽ کنڊ جي به سبب بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي. مارڪيٽ ۾ اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن. عام ماڻهو لاءِ ٻن وقتن جي ماني حاصل ڪرڻ به ڏکيو ٿي ويو آهي. اٽو، جيڪو غريب جي بنيادي خوراڪ آهي، اهو به هاڻي عام ماڻهو جي پهچ کان ٻاهر ٿيندو پيو وڃي. ساڳي طرح کنڊ، جيڪا روزاني استعمال جي شين مان آهي، اها به مهانگي ٿي وئي آهي. ماڻهوءَ لاءِ پنهنجي ٻارن کي کارائڻ به هڪ وڏي آزمائش بڻجي ويو آهي.

مهانگائي جا سبب ڪيترائي آهن. هڪ طرف عالمي مارڪيٽن جا اثر آهن، پر ٻي طرف اندروني بدانتظامي، ڪرپشن، ٽيڪس نظام جي ناانصافي، ذخيره اندوزي ۽ غير ذميوار پاليسيون آهن. جڏهن حڪومت مارڪيٽ تي ڪنٽرول نٿي رکي، جڏهن قانون صرف ڪمزور لاءِ هجي ۽ طاقتور قانون کان مٿانهون هجي، تڏهن مهانگائي کي روڪڻ ناممڪن ٿي پوي ٿو.

مهانگائي تي ضابطو آڻڻ لاءِ ضروري آهي ته حڪمرانيءَ جي نظام کي بهتر ڪيو وڃي. شفاف پاليسيون جوڙڻ، ذخيره اندوزن خلاف سخت ڪارروائي، درآمد ۽ برآمد جا فيصلا قومي ضرورتن تحت ڪرڻ، ۽ زرعي شعبي کي حقيقي سهارو ڏيڻ انتهائي اهم آهن. ان سان گڏوگڏ، غريب طبقي لاءِ سبسڊي ۽ سماجي تحفظ جا پروگرام مؤثر بڻائڻ گهرجن. اسان سمجھون ٿا ته پاڪستان کي بحرانن مان ڪڍڻ لاءِ رڳو نعرا ڪافي ناهن. حقيقي سڌارا، ايماندار قيادت ۽ عوام دوست پاليسيون ئي ملڪ کي مهانگائي ۽ بحرانن جي چڪر مان ڪڍي سگهن ٿيون. جيستائين حڪمرانيءَ جو بحران ختم نه ٿيندو، تيستائين بحران تواتر سان پيدا ٿيندا رهندا، ۽ عام ماڻهو انهن جو شڪار بڻجندو رهندو.