ملڪ ۾ ترقي پسند سياست جي ٽريجڊي

جُون 7, 2023

  ”اي لوڪو! توهان نه ٻڌو آهي ته ڪيئن، پهرين مونکي ڀالوا جي کوهه ۽ هاڻي انارڪلي جي بازار مان کنيو ويو آهي. توهان نه ڏٺو آهي ته ڪيئن منهنجي مخملي پهراڻ کي تار تار ڪيو ويو آهي ۽ منهنجي جسم کي پٽيو ۽ نپوڙيو ويو آهي! توهان ڪڏهن سوچيو آهي ته جڏهن ڪنهن کي وارن کان جهلي سرِ راهه گهليو ويندو آهي ته ڪيڏو درد ٿيندو آهي! مونکي پنهنجا خواب وساري باقي زندگي ٻانهي ٿي گذارڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي. اي دانشورو! آئون به خوفزده آهيان، توهان منهنجي به ڳالهه ڪريو.“

                 سوويت يونين جي ٽُٽڻ کان پوءِ پوري دنيا ۾ ترقي پسند سياست پنهنجو جوبن گذاري پيريءَ ۾ پساهه کڻي رهي آهي ۽ نئين نسل جي تلاش ۾ آهي، جيڪو اچي ان ۾ جان وجهي. ڪنهن ڏاهي سچ چيو آهي ته، “دنيا ترقي ان ڪري ڪندي آهي، جو اسين مرندا آهيون ۽ نئون نسل نوان خيال کڻي ايندو آهي”.  اسان جي ملڪ جي ترقي پسند سياست به باقي دنيا جيئن وکري ويئي آهي. ڪن صوفي ازم ۾ آجپو ڳوليو آهي ته ڪن وري صحافت ۾ پنهنجو آئيندو ڏٺو آهي. ڪجهه عقلمند سرڪاري درٻارن ۾ مشير ٿي پنهنجون خدمتون ‘باڪمال’ طريقي سان سرانجام ڏئي رهيا آهن.

اها اسان جي ترقي پسند سياست جي ٽريجڊي آهي، جنهن جو ڪوبه قصور نه آهي پر اها هڪ افسوسناڪ ڪهاڻي آهي، جنهن کي نظر انداز به نه ٿو ڪري سگهجي. ڪو وقت هو جو سرحد پار جا دانشور رشڪ ڪندا هئا ته اسان وٽ باوجود مشڪل حالتن جي، ترقي پسند سياست زنده آهي ۽ مزاحمت ڪري رهي آهي. اسان کي انهن ماڻهن کي نه وسارڻ گهرجي، جيڪي هن ٽريجڊي ۾ سب ڪجهه وڃائي بيوسي ۽ لاچاريءَ جي زندگي گذاري رهيا آهن. جنهن کي اياز پنهنجي نظم ۾ شاندار طريقي سان رقم ڪري ويو آهي، “وڃو ڪويليو وڃو، وڃي پرينءَ کي چئو….”

ملڪ ۾ قومپرست پارٽين جي جدوجهد ڪافي اهم آهي، جيڪا بي انتها قربانين سان ڀريل آهي ۽ پر انهن جو ڪردار روشن خيال سياست کان هٽيل آهي. اها تحريڪ اڃان تائين ترقي پسندي، روشن خيالي، سول سوسائٽي جي تصورن کي شدت سان پنهنجي عملي ڪردار ۾ ظاهر نه ڪري سگهي آهي. ملڪ جي ترقي پسندن جو سياسي ميدان کي خالي ڇڏڻ جو فائدو قدامت پرست سياسي قوتن ورتو آهي ۽ هو ملڪي سياست تي پوري طرح ڇانيل آهن.

ملڪ ۾ تمام ننڍو گروپ اهڙو آهي، جيڪو ترقي پسند سياست ڪري رهيو آهي ۽ هو ظلم جي خلاف مختلف طريقن سان پنهنجو آواز اٿاريندو رهندو آهي، پر اهو به وقت به وقت سياسي مصلحتن جو شڪار رهيو آهي. ‘سول سوسائٽي’ جي نالي سان ڪم ڪندڙ گروپ، عورتن جي حقن جي حوالي سان تحريڪ يا وري پشتون، بلوچ، سنڌي قوم پرستن ۾ موجود ترقي پسند وقت ۽ سياسي حالتن جو رخ ڏسي سياست ڪن ٿا. هو ڪڏهن انساني حقن تي تمام گهڻي شدت سان ڳالهائين ٿا ته ڪڏهن وري اهي موقعي پرستي جو شڪار ٿي وڃن ٿا. ان جو سڀ کان اهم سبب ترقي پسند سياسي پارٽين جي غير موجودگي آهي.

هاڻي اچو ته موجوده ملڪي سياسي صورتحال ۾ ترقي پسندن جي ڪردار تي ڪجهه روشني وجهون. عمران خان جي سياست سان اسين ڀلي اختلاف ڪريون پر هن سان جنون جي حد تائين پيار ڪندڙ  نوجوان مردن ۽ عورتن جو ڪهڙو قصور آهي، جو  ترقي پسند انهن سان زيادتين تي خاموش رهي تشدد ڪار  اهلڪارن کي پنهنجو سهارو ڏين ٿا؟ ملڪ جا سيڪولر، جمهوريت پسند ۽ روشن خيال عقل جي تخت تي ويهي اظهار جي آزادي جا ليڪچر ڏئي رهيا آهن پر انهن جي قول ۽ فعل ۾ تضاد آهي. جاپاني ۾ هڪ چوڻي آهي ته، “ماڻهن کي توهان جي ڳالهين سان ڪو واسطو ڪونهي، هو توهان جي عملن کي ڏسندا آهن”. ملڪ جا نوجوان سياست ۾ پنهنجي سماجي ۽ معاشي مسئلن جي حل لاءِ آيا آهن ۽ ڇا انهن سان نفرت جو رويو رکڻ مناسب آهي؟

جيڪڏهن اهو ڪيڊر سياست کان مايوس ٿيو ته پوءِ هو ڪيڏانهن پنهنجو رُخ ڪندو؟ “مايوسي، غصي ۽ دوکي جو احساس وڌي رهيو آهي. بهتر آهي ته توهان اقرار ڪريو ته ان جو ذميوار سسٽم آهي. هاڻي اسان ان نقطي تي پهتا آهيون، جتي ڪميونزم ناڪام ٿي ويو آهي، جمهوريت زوال پذير آهي، ڪير به پوري تصوير ڏسڻ لاءِ تيار نه آهي”.  اهي جملا آمريڪي دهشتگرد ٽِموٿي ميڪويه، اوڪلوهوما شهر ۾ هڪ سئو سٺ ماڻهن کي قتل ڪرڻ کان پهرين مقامي اخبار ۾ لکيا هئا. هو آمريڪي فوجي هو ۽ عراق ۾ آمريڪا جي لاءِ جنگ وڙهي آيو هو پر جنگ هن جي دماغ تي ڪافي گهرا منفي اثر ڇڏيا هئا. ملڪ جي نوجوانن جي سياست مان نا اميدي جمهوريت ۽ سول سوسائٽي جي فائدي ۾ نه آهي. سياست کان بيگانگي انتهائي خطرناڪ آهي. اهي ماڻهو تيار بارود هوندا آهن ۽ ڪنهن جي به هٿان استعمال ٿي سگهن ٿا. جيڪڏهن اڄ اسان انهن جي زخمن تي لوڻ لڳائينداسين ته ڇا هو سڀاڻي ترقي پسندن کي گلن جا هار پارائيندا؟

نفرت پيار کان وڌيڪ خطرناڪ آهي ۽ اسان ان ٽريجڊي کي ورهاڱي وقت ڏسي چڪا آهيون. “اسان جي دنيا چٿجي وئي آهي ۽ هاڻي اسان خطري ۽ غصي جي لعنت کان بچي نه ٿا سگهون”.   ڊان ڊيليو جا اهي لفظ اسان کي ياد رکڻ گهرجن. اڄ جي دور ۾ نوجوان ٿر جي صحرا، کيرٿر جي لڪن، سنڌي سمنڊ جي ڪنارن ۽ سامين جي آستانن ۾ لڪي به دنيا سان ڳنڊيل آهي ۽ جيڪڏهن هن جي توانائي کي مثبت انداز سان استعمال نه ڪيو ويو ته پوءِ ڪو دهشتگرد انهن کي تباهيءَ جي بارود طور استعمال ڪري سگهي ٿو. ان سان ڪوبه فرق نه ٿو پوي ته ڪاسترو سي آءِ اي جو تيار ڪيل گوريلو هو يا نه ۽  اسان ڀلي عمران کي اسٽبلشمينٽ جي پيداوار سمجهون پر جيڪا نياڻيون اڄ دهشت زده آهن ۽ چئي رهيون آهن ته اسان جي به ڳالهه ڪريو،

تنهن کي ترقي پسند ڪيئن نظر انداز ڪري سگهن ٿا؟ ملڪ ۾ ڪنهن به سياسي پارٽي کي ‘مائنس’ ڪرڻ سان سماج جي اندر سياسي تضاد ختم نه ٿيندا ۽ نه وري سماجي ۽ معاشي حالتون بهتر ٿينديون. اهي ماڻهو جيڪي ڪنهن سياسي اڳواڻ سان پيار ڪن ٿا، سي مايوس ٿي ڪنهن نسل پرست، انتها پسند ۽ بنياد پرست گروهه ۾ شامل ٿي سگهن ٿا. ايلن بلوم شايد اهڙي صورتحال ۾ لکيو هو، “ڇا ڪو متبادل آهي؟ مون کي نظر نه ٿو اچي…منهنجي راءِ  ۾ فاشزم جو مسقبل روشن آهي“.

ملڪ جا سياسي ادارا پهرين ئي ڪافي ڪمزور آهن، سياست تي رياست حاوي آهي ۽ طاقت جو سرچشمو عوام نه پر ننڍڙي اشرافيه آهي. اهڙي خراب حالت ۾ ترقي پسند سياست جي پستي ۽ موقع پرستي خراب صورتحال کي بدتر ڪري رهي آهي ۽ عقل تي ٻڌل ڪلچر کي تنجڻ مان نڪري جوان ٿيڻ ۾ اڃان به گهڻو وقت لڳندو.

[email protected]

Leave A Comment