ملڪ ۾ جشن آزادي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، تقريبون، ريليون: هوائي فائرنگ ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا

آگسٽ 14, 2023

ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ جشن آزادي جو ڏهاڙو قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي

اسلام آباد ۾ 31 توپن ۽ صوبائي راڄڌانين ۾ 21-21 توپن جي سلامي سان قومي ڏهاڙي جي شروعات ڪئي وئي، مزارِ قائد ڪراچي ۽ مزارِ اقبال لاهور ۾ گارڊز جي تبديليءَ جون باوقار تقريبون ٿيون

ڪراچي، ڪوئيٽا، لاهور، پشاور ۽ حيدرآباد سميت ملڪ جا ننڍا وڏا شهر سبز هلالي رنگن سان جرڪي پيا، ريليون ڪڍيون پيون وڃن

اسلام آباد جي ڪنوينشن سينٽر ۾ جشن آزادي جي تقريب ۾ صدر عارف علوي ۽ ٻين شرڪت ڪئي، تقريب دوران سنڌ سميت چئني صوبن جا ثقافتي رنگ جرڪندي نظر آيا،، اسڪولي ٻارڙن ۽ آرٽسٽن پاران ملي گيت پيش ڪيا ويا

ڪراچي ۾ جشن آزادي جي موقعي تي مختلف علائقن ۾ هوائي فائرنگ جي نتجي ۾، 2 ڄڻا مارجي ويا، 80 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا

لياري، گارڊن، لانڍي، ڪورنگي، محمود آباد، نيو ڪراچي، بلال ڪالوني، گارڊن سميت مختلف علائقن ۾ فائرنگ جا واقعا پيش آيا، گوليون لڳڻ سبب معصوم ٻارڙن سميت 80 ڄڻا زخمي ٿي پيا

 نمائش چورنگي تي هوائي فائرنگ ڪئي وئي، گولي لڳڻ سبب هڪ عورت مارجي وئي، ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته 24 زخمين کي سول اسپتال، 29 کي جناح اسپتال ۽ 30 زخمين کي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، سينٽرل ضلعي جي پوليس هوائي فائرنگ ڪندڙ ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو

Leave A Comment