ملڪ ۾ حج اڏام جي روانگي شروع، ڪراچي ۽ لاهور مان 629 حج پانڌيئڙا مديني روانا

مَي 21, 2023

ڪراچي/اسلام آباد (نمائندن وٽان) ملڪ ۾ حج اڏام جي روانگي جو سلسلو شروع ٿي ويو، ڪراچي ۽ لاهور  مان هڪ ئي وقت اڏامون روانيون  ٿي ويون اسلام آباد مان اڏام اڄ رات رواني ٿيندي

ڪراچي مان پي آءِ اي جي پهرين اڏام صبح 4 لڳي 50 منٽن تي 330 حج پانڌيئڙن کي کڻي مديني رواني ٿي وئي ان موقعي تي ڊي جي آپريشن  ڪراچي ايئرپورٽ تي موجود هو  هن جو چوڻ هو ته 66 فلائيٽ مان 17 هزار  کان وڌيڪ مسافر حج لاءِ روانا ٿيندا پي آءِ اي جي 30 اڏامن مان 7 هزار 620 مسافر روانا ٿيندا

لاهور مان نجي اڏام ذريعي 279 حج  پانڌيئڙا مديني روانا ٿي ويا لاهور ايئرپورٽ  تان مختلف اڏامن ذريعي 17 هزار 639  مسافر حج جي ادائگي لاءِ سعودي عرب ويندا پاڪستان مان هلندڙ سال 81 هزار 230 ماڻهو حج جو فرض ادا ڪندا

Leave A Comment