ملڪ ۾ حڪومت ڪيئر ٽيڪر نه پر انڊر ٽيڪر آهي: اختر مينگل

سيپٽمبر 4, 2023

ڪوئيٽا (پنهنجي ڊيسڪ) بلوچ اڳواڻ ۽ بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه اختر مينگل چيو آهي ته ملڪ ۾ حڪومت ڪيئر ٽيڪر نه پر انڊر ٽيڪر آهي
ڪوئيٽا ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اختر مينگل چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي ۽ امن امان کان وڌيڪ سنگين مسئلو گم ٿيل ماڻهن جو آهي، اڄ بلوچستان جو ڪو علائقو محفوظ ناهي ۽ حالتون اڳ جهڙيون ئي آهن

 هن چيو ته بي اين پي کي هڪ پاسي ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي، اڄ به حالتون تبديل ناهن ٿيون، اسان سدائين گم ٿيل ماڻهن جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ پنهنجي ان موقف سبب اسان کي سياسي نقصان برداشت ڪرڻو پيو

Leave A Comment