ملڪ ۾ رهندڙ سک برادري جي ڀلائي لاءِ رٿا تيار ڪنداسين: وزيراعظم

  ملڪ ۾ رهندڙ سک برادري جي ڀلائي لاءِ رٿا تيار ڪنداسين: وزيراعظم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف سان آمريڪا ۾ رهندڙ سک برادري جي تنظيم جي صدر جسديپ سنگهه ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وفاقي وزير قانون و انصاف اعظم نذير تارڙ ۽ پاڪستاني جي رهواسي آمريڪي ڪاروباري شخصيت ساجد تارڙ پڻ موجود هئا، وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان اچڻ تي جسديپ سنگهه کي آڌرڀاءُ ڪيو، وزير اعظم چيو آهي ته پاڪستان ۾ سکن جا ڪيترائي مقدس مذهبي ماڳ موجود آهن، جتي دنيا ڀر کان سک ياتري پنهنجا مذهبي رسمون ادا ڪرڻ لاءِ ايندا آهن ۽ پاڪستان سندن ڀرپور ميزباني ڪري ٿو، اسان پاڪستان ايندڙ سک برادري لاءِ هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهيون، اسان لاءِ فخر جي ڳالهه آهي ته پاڪستان سک برادري جي مقدس ماڳن ۽ گردوارن جي بهتر سنڀال ۽ مڪمل سهولتن جي فراھمي کي يقيني بڻائي رهيو آهي، اسان پاڪستان ۾ رهندڙ سک برادري جي ڀلائي ۽ دنيا ڀر کان ايندڙ سِک ياترين کي وڌيڪ سهولتون فراهم ڪرڻ بابت حڪمت عملي تيار ڪنداسين. سمندر پار پاڪستانين جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستاني ملڪ جي ترقي، خوشحالي ۽ عالمي ساک کي بلند ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، جسديپ سنگهه پاڪستان ۾ ميزباني ۽ سک ياترين جي آدرڀاءُ تي وزيراعظم ۽ حڪومت پاڪستان جو شڪريو ادا ڪيو.