ملڪ ۾ سال اندر هڪ لک گڏهن جو اضافو

جُون 8, 2023

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ گڏهه وڌي ويا آهن ۽ هڪ سال دوران هڪ لک کان وڌيڪ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

 ان ڏس ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته هلندڙ سال دوران ملڪ ۾ گڏهن جو انگ وڌي 58 لکن تائين پهچي ويو آهي. مالي سال 23-2022 جي جاري ڪيل سروي ۾ ٻڌايو ويو آهي

 ته هڪ سال دوران گڏهن جي انگ ۾ 1 لک واڌ ٿي، جنهن کان پوءِ گڏهن جو گڏيل انگ 58 لک ٿي ويو. سروي موجب هڪ سال دوران ڍورن جو انگ به 21 لک وڌيو آهي.

Leave A Comment