ملڪ ۾ سانوڻي جو پهريون سلسلو: ڊيم ڀرجڻ شروع، دريائن ۾ پڻ ٻوڏ
جُون 30, 2025
اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) ملڪ ۾ سانوڻي پهريون سلسلو: ڊيم ڀرجڻ شروع، دريائن ۾ پڻ ٻوڏ اچي وئي آهي، چشمه بئراج جا سڀئي اسپل وي کوليا ويا آهن، تربيلا ڊيم جا اسپل وي به جلد کوليا ويندا. ملڪ جي مختلف حصن ۾ سانوڻي جي پهرين برساتون شروع ٿيڻ سان ئي دريائن ۾ پاڻي جو وهڪرو وڌي ويو ۽ ڊيمن ۾ پاڻي جي سطح وڌڻ لڳي آهي. درياءَ جي وهڪري ۾ واڌ سبب چشمه بئراج جا سڀئي 52 اسپل وي کوليا ويا، جڏهن ته تربيلا ڊيم جا اسپل وي به کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
چشمه جهلم لنڪ ۽ رائٽ بينڪ ڪئنال ۾ پاڻي ڇڏيو ويو. ڊيرا اسماعيل خان ۾ سڀئي ڍنڍون ڀرجي ويون، جڏهن ته ڪڇي جا علائقا به ٻڏي ويا ۽ ڪيترائي گهر ۽ فصل پاڻي هيٺ اچي ويا آهن.
سنڌو دريا ۾ سڀني هنڌن تي ترڻ ۽ ٻيڙي هلائڻ تي مڪمل پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي ۽ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي ۽ عوام کي خطرناڪ هنڌن کان پري رهڻ جي پڻ هدايت ڪئي وئي آهي.
راولپنڊي ۾ شهري ٻوڏ جي خطري کي نظر ۾ رکندي قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي ۽ نالا لائي سميت ٻين قدرتي لنگهن ۾ وهنجڻ ۽ ترڻ تي به پابندي لڳائي وئي آهي.
آبپاشي کاتي ۽ ضلعي انتظاميا پاران الرٽ جاري ڪيا ويا آهن، جڏهن ته هيٺاهين وارن علائقن جي رهواسين کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ جون تياريون شروع ڪيون ويون آهن.
لاڳاپيل اختيارين عوام کي اپيل ڪئي آهي ته غير ضروري حرڪت کان پاسو ڪن ۽ ڪنهن به هنگامي صورتحال ۾ فوري طور تي مقامي انتظاميا يا ريسڪيو هيلپ لائن تي رابطو ڪيو وڃي.